سنڌ ۾ آفتن جا ڏينهن ۽ غائب ٿيل سرڪار

0
233
وڻجارو ويو هليو

 ان ڏينهن صوبائي وزير ناصر شاهه لاڙڪاڻي جي دوري تي آيو ته هڪ پيٽرول پمپ تي بيٺي بيٺي کائنس پڇيم ته جڏهن دادو ضلعي ۾ ٻوڏ جو پاڻي شهرن جا شهر پيو ٻوڙي تڏهن جوهي يا ميهڙ وارا عام شهري پنهنجي مدد پاڻ تحت شهرن کي رنگ بند پيا ٻڌن ۽ پاڻ پيا بچائين ته اهڙي صورتحال ۾ سنڌ سرڪار ڪٿي آهي؟ ڪٿي نظر نه پئي اچي! ته صوبائي وزير دعويٰ ڪئي ته اهي بند ٻڌڻ مهل جيڪا وڏي مشينري استعمال پئي ٿئي سا سنڌ سرڪار پئي فراهم ڪري ۽ سنڌ سرڪار انهن سان گڏ بيٺي آهي. هن اهو به چيو ته ميڊيا خاص ڪري سوشل ميڊيا تي جيڪي ڳالهيون هلايون پيون وڃن انهن مان ڪجهه سچيون ته ڪجهه افواهه هوندا آهن، تنهن ڪري اهڙي ڪا ڳالهه ناهي حڪومت ماڻهن سان گڏ بيٺل آهي. خبر ناهي سندس ڳالهين ۾ ڪيتري صداقت آهي ڇو ته عملي طور حڪومتي ڪارندا وزيرن مشيرن جي پروٽوڪول ۾ ته نظر ايندا رهن ٿا پر گهارن وارين جڳهن، امدادي ڪمن توڙي شهر بچائڻ وارين ڪوششن ۾ اهي ڪٿي به نظر نه پيا اچن. دراصل اها انهن سرڪاري ڪارندن خاص ڪري آبپاشي يا پاڻي سان لاڳاپيل سمورن شعبن وارن ڪامورن جي نااهلي نه پر مجرماڻي نااهلي ۽ مس مئنيجمينٽ آهي، جو پاڻي جا اهي وهڪرا جيڪي صدين سالن کان وهندا پئي آيا آهن، سي هاڻي شهرن جا شهر پيا تباهه ڪن ۽ لکين ايڪڙ زرعي زمينن کي به هڪ ٻن فصلن تائين غيرآباد ۽ بنجر پيا بڻائين.

ان ڏينهن ميهڙ جي مرد مجاهد اکين جي بيمارين جي علاج جون خيراتي ڪئمپون لڳائڻ جي حوالي سان مشهور ڊاڪٽر محمد خان شيخ ڏاڍي ڀلي ڳالهه ڪئي ته ڪاڇي، ڪچي ۽ ٿر جا ماڻهو پاڻي مان ڪڏهن به بيزار نه ٿيندا آهن. انگريز دور کان وٺي ڪاڇي جي پاڻي جو هڪ قدرتي وهڪرو هلندو پئي آيو. جنهن ڪري ميهڙ يا خيرپور ناٿن شاهه جا شهر 2010ع واري ٻوڏ تائين ڪڏهن به نه ٻڏا هئا. ڊاڪٽر محمد خان شيخ هاڻي ميهڙ کي بچائڻ لئه ڏنل رنگ بند تي مسلسل نوجوانن جي همٿ افزائي ڪندو رهي ٿو، پر ان سان گڏ کيس سرڪاري نااهلي ۽ مس مئنيجمينٽ جو به دلي ڏک پهتل آهي ته اهي ڪيئن نه هٿ تي هٿ رکي ويٺل آهن ۽ تماشو ڏسي رهيا آهن. پر ماڻهو پنهنجي مدد پاڻ تحت شهر پيا بچائين. ميهڙ ڪي اين شاهه ۽ جوهي جي ماڻهن سان ڪچهري ڪندي معلوم ٿيندو ته بلوچستان کان ايندڙ پاڻي توڙي سنڌ جي جابلو سلسلي تان لهندڙ نئين جي پاڻين سبب ڪاڇو هميشه سرسبز ۽ شاداب ٿيندو آهي.

تڏهن ئي عوامي شاعري ۾ به ڪاڇي جي ان ڪشش جو ذڪر ٿيل آهي. اهو پاڻي جڏهن بلوچستان ۽ ڪتي جي قبر واري جابلو سلسلن کان لهي سنڌ طرف ايندو آهي ته ان جو پهريون پڙاءُ قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جي حمل ڍنڍ ٿيندو هو، جتان حمل کي مڪمل سيراب ڪري ڇنڊڻ کان ٿيندو وڃي منڇر جو پيٽ ڀريندو هو. جنهن بعد سيوهڻ وٽان سندس ملاقات سنڌودرياهه سان ٿيندي هئي ۽ ان جي پاڻين سان ملي جلي اڳيان سمنڊ طرف پنهنجو سفر جاري رکندو هو. انهن پاڻين جي انهن قدرتي گذرگاهن مٿان انگريز سرڪار تائين ته ڪنهن قبضو ڪونه ڪيو هو، پر ان جي باوجود انهن گورن ڪافر انجنيئرن وٽ پلاننگ يا منصوبه بندي صدين سالن جي هئي. تنهن ڪري هنن جڏهن ڪراچي کان ڪوئيٽا واري ريلوي لائين وڇائي ته سموري ڪاڇي جي گسن يا جابلو علائقن مان انهن جڳهين تي وڏيون وڏيون پٿر واريون پلون ضرور تعمير ڪرائي ڇڏيون، جتان جتان کين پڪ هئي ته هر سال جابلو پاڻين واري نئين وهي ايندي آهي. ائين سندن منصوبه بندي ڪامياب وئي ۽ ريلوي لائين بچيل رهي، پر هاڻوڪن اسان جي حاجي نمازي انجنيئرن جي پلاننگ ڏسو جو سمورو انڊس هاءِ وي تعمير ڪري ويا پر جابلو نئين مان ايندڙ پاڻين کي نظرانداز ڪري ويا، جنهن ڪري هاڻي هر پاسي رڙ پئي ٿي پوي ته برساتي پاڻي انڊس هاءِ وي کي اوور ٽاپ ڪري ويو آهي. ائين ئي بغير منصوبه بندي يا بغير سرڪاري اجازت جي حمل ڍنڍ تي هڪ خانگي بند ٻڌو ويو جنهن ڪري حمل جو اڌ حصو مڪمل تباهه ٿي ويو ۽ ڪاڇي جو فريدآباد يا ميهڙ کان مٿان وارو حصو غير آباد رهڻ لڳو.

ائين ئي آر بي او ڊي جو منصوبو جوڙي سم ڪلر جو پاڻي آڻي هٿ وٺي منڇر کي تباهه ڪيو ويو ۽ آلوده منڇر صرف مهاڻڻ ئي نه پر گهڻن ماڻهن جي مٿي جو سور بڻيل رهي. نتيجي طور عام چوماسي جي برساتن بعد پڻ وڏو نقصان ٿيندو رهيو پر هيل ته تمام گهڻي برسات پئي، جنهن ملڪ جو ملڪ ٻوڙي ڇڏيو آهي پر سنڌ جي شهرن مٿان خاص مهرباني ان غلط منصوبه بندي جي رهي آهي جنهن سبب اسان لکين ماڻهن جي آبادي ۽ شهري سهولتون هوندي به برساتي پاڻي نيڪال نه ڪري سگهياسين ۽ شهرن جا شهر ٻڏي رهيا آهن. هر شهر جي ڊرينيج سسٽم ۾ هڪ برساتي نالو به ڏنل هوندو آهي ته جيئن برسات پوڻ جي صورت ۾ شهر ۾ بيٺل پاڻي ان برساتي نالي ذريعي ڪڍي سگهجي پر هن ڀيري انهن سمورن برساتي نالن جي اڪثريت يا ته بند هئي يا ناڪاره بڻيل هئي جنهن ڪري تمام ٿورڙا برساتي نالا پنهنجي وس آهر هلي رهيا هئا جيڪي شهرن جو پاڻي مڪمل طور نيڪال نه ڪري سگهيا.

سنڌ سان هن ڀيري صرف برساتن ويڌن نه ڪئي پر 2010 واري مهاٻوڏ جيان هن ڀيري پاڻي جي وڏي وهڪري کي جڏهن قدرتي وهڪرن پاسي جڳهه نه ملي ته اهو پاڻي گڏ ٿيندو اچي دادو ۽ ڄامشوري ضلعن ۾ ڦرڻ لڳو. اهو پاڻي ڪڏهن ميهڙ طرف پنهنجو رخ ڪري رهيو هو ته ڪڏهن خيرپور ناٿن شاهه ته ڪڏهن وري جوهي، دادو، ڀان ۽ ٻين شهرن طرف ڊوڙي رهيو هو. هر شهر جو ماڻهو پاڻي سان مزاحمت ڪري رهيو ته اهو پاڻي اڳتي وڃي سندن شهر بچي پون. ان سموري ماجرا دوران خود وزيراعلي به دوري تي پهتو پر اهو فيصلو نه ڪري سگهيو ته ڪهڙي ڊرين کي ڪٿان ڪٽ ڏجي. اهو فيصلو وري به مقامي سياسي ڀوتار ڪندا رهيا ته پنهنجي پنهنجي پسند جي شهرن کي بچايئندا رهيا ۽ ٻيا شهر سندن مٿي جو سور ئي نه هئا تنهن ڪري اهي شهر ٻڏن يا بچن کين پراوهه نه هئي. اهڙي صورتحال ڏسي ميهڙ جا شهري نڪري پيا ۽ انهن هلندڙ برسات دوران نه رڳو ايف پي بند جي مانيٽرنگ ڪئي پر پنهنجي شهر ميهڙ کي بچائڻ لاءِ پڻ بنا ڪنهن فرق جي گڏ ٿي ويا. ميهڙ شهر کي بچائڻ مهل اهي چونڊيل نمائندا غائب هئا جيڪي ووٽ وٺڻ مهل ميهڙ جي گهٽين مان نڪرندا ئي ناهن. ميهڙ ڪو عام يا ننڍڙو ڳوٺاڻو شهر نه پر  هزارين لکين ماڻهن جو اباڻو شهر آهي،

جنهن کي ائين ننڌڻڪو ڇڏڻ چونڊيل نمائندن ڀلي ته مناسب سمجهيو هجي پر ميهڙ جي عام ماڻهن بند ٻڌي همٿ حوصلي جو مظاهرو ڪيو. ائين ئي سندن ڪوششن سان ميهڙ هنن سٽن لکڻ تائين ته بچيل رهيو پر مٿس دٻاءُ شديد قسم جو رهيو آهي. ميهڙ کان پاڻي جڏهن ڦريو ته خيرپورناٿن شاهه کي وڪوڙي ويو ۽ اتان جي ماڻهن شايد سرڪار مٿان ڀاڙيو هو يا ڪا خاص منصوبه بندي نه ڪري سگهيا جنهن ڪري پاڻي ڪٿان نه ڪٿان پنهنجو رستو ٺاهي اچي ڪي اين شاهه جي گهٽين ۾ پهتو. ائين ئي جڏهن پاڻي پنهنجو پريشر برقرار رکيو ته جوهي جي ماڻهن کي الرٽ ٿيڻو پيو ۽ جوهي وارن رنگ بند ٻڌڻ جو نه رڳو ڪم شروع ڪيو پر ڏينهن رات ڪم ڪري ان کي مضبوط پئي بڻايائون. جوهي واسين کي 2010ع واري ٻوڏ دوران پڻ شهر بچائڻ جو تجربو هو تنهن ڪري انهن پنهنجي همٿ ۽ حوصلي کان ڪم ورتو پر پاڻي مسلسل دٻاءُ رکندو پيو اچي، جنهن ڪري انهن شهرن جون آباديون مڪمل خوف ۾ ورتل آهن. سنڌ سرڪار کي هاڻي ته ڪجهه سکڻ گهرجي ۽ اهي قدرتي آبي گذرگاهه بحال ڪرائڻ گهرجن جيڪي هر علائقي جي بااثر جي قبضي هيٺ آهن. جيستائين اهي خالي نه ٿيندا تيستائين پاڻي سنڌ سان ۽ خاص ڪري انهن شهرن سان پاڻي ڪندو رهندو.