سنڌ ۽ پنجاب هڪجيتري پاڻي کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن: ارسا چيئرمين

0
387
پنجاب کان سنڌ ڏانهن

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ارسا ترجمان کانپوءِ چيئرمين به سنڌ کي حصي جو پاڻي گهٽ ملڻ وارين شڪايتن کي بي بنياد قرار ڏئي ڇڏيو، ارسا چيئرمين پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته سنڌ ۽ پنجاب هڪجيتري کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن، پاڻي جي کوٽ سبب تربيلا ۽ چشما ڊيڊ ليول تي پهچي ويا هئا، 6 مئي کانپوءِ پاڻي جي آمد بهتر ٿي، سنڌ جي درخواست تي صوبي کي پاڻي جي فراهمي 5 سيڪڙو وڌائي وئي، سنڌ کي پاڻي جي فراهمي 66 هزار ڪيوسڪ مان وڌائي 71 ڪيوسڪ ڪئي وئي آهي، پنجاب جو آبپاشي وزير به سنڌ خلاف ارسا چيئرمين سان ٻٽ بڻجي ويو، پنجاب جي آبپاشي وزير محسن لغاري چيو آهي ته پنجاب پنهنجي حصي جو پاڻي سنڌ کي ڏنو ته جيئن ڪپهه جو فصل ٿي سگهي، سنڌ ۾ پاڻي کي مينيج ڪرڻو هو، اُڻ مان فيڪٽريز نٿيون لڳائي سگهجن، هن ڀيري سنڌ کي 4 ۽ پنجاب کي 16 سيڪڙو گهٽ پاڻي مليو، پنجاب ڪنهن جي حصي تي ڌاڙو نه پيو هڻي، سنڌ ۽ پنجاب کي هڪجيترو پاڻي ملڻ گهرجي.