ڪراچي (نمائندن وٽان)  سنڌ ڪاليجز نان ٽيچنگ ويلفيئر ايسوسيئيشن (اسڪنٽوا)  جي مرڪزي  سڏ تي ماتلي ۾چوٿين ڏينهن به گرلز ڊگري ڪاليج يونٽ پاران مرڪزي وائيس چيئرمين  محمد علي کوسو، يونٽ صدر محمد نعيم راجپوت، ضلعي بدين جي سينيئر نائب صدر الله بخش سومري  ۽ ٻين جي اڳواڻي  ۾ نان ٽيچنگ ملازمن مطالبن جي مڃتا لاءِ قلم  ڇڏ هڙتال  ڪئي وئي. بدين ۾ ضلعي جنرل سيڪريٽري جاويد خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي  ۾ نان ٽيچنگ ملازمن جي حقن لاءِ صبح 9 کان 11 تائين 2 ڪلاڪ جهاڙو ۽ قلم ڇڏ هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.خيرپور ۾ سنڌ ڪاليجز نان ٽيچنگ ويلفيئر ايسوسيئيشن طرفان مطالبن جي مڃتا لاءِ ڪم ڇڏ هڙتال بعد مظاهرو ڪري غلام عباس ڪٽوهر، عبدالفهيم ڀٽو، حبيب الله ميراڻي، غلام حيدر ڦلپوٽو، حضور بخش ناريجو، ذوالفقار بڙدي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو.