سنڌ ڪابينا: ڪورونا جو ڦهلاءُ روڪڻ لاءِ پاڪ فوج کان مدد وٺڻ جي منظوري

0
671
بلوچستان ۾ آپريشن دوران

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ڪابينا ڪورونا جو ڦهلاءُ روڪڻ لاءِ پاڪ فوج کان مدد وٺڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، پاڪ فوج ڪورونا ايس او پيز تي عمل يقيني بڻائڻ لاءِ سول انتظاميا جي مدد ڪندي، سنڌ سرڪار فوج جي طلبي لاءِ وفاقي گهرو کاتي کي خط لکي ڇڏيو، ڪابينا طرفان ڊيوٽي دوران ڪورونا وگهي فوت ٿيندڙ ملازمن جي وارثن کي 10-10 لک رُپيا معاوضو ڏيڻ جي به منظوري، وزيراعليٰ هائوس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته اهو معاوضو مستقل توڙي ڪانٽريڪٽي ملازمن به ڏنو ويندو، سنڌ ۾ ڪورونا جا ڪيسز وڌڻ تي نجي توڙي خانگي يونيورسٽيز، سنڌ ٽينڪيڪل ايجوڪيشن ۽ ريسرچ سينٽرز 17 مئي تائين بند ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو، سنڌ حڪومت، عدالتن ۾ عام نوعيت جا ڪيس ملتوي ڪرڻ جِي درخواست ڪري ڇڏي، قانون بابت صلاحڪار مرتضيٰ وهاب سنڌ هاءِ ڪورٽ جَي چيف جسٽس کي خط لکي چيو آهي ته عام نوعيت جا ڪيس ملتوي ڪرڻ سان ججز، وڪيلن ۽ سائلين جو تحفظ ممڪن ٿي سگهي ٿو.