سنڌ کي ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت جي سزا ڏني پئي وڃي؟

0
10
اسانجا حڪمران ۽ آءِ ايم ايف جي اسيري

گرمي پد ۾ واڌ هونئن ته سڄي دُنيا جو مسئلو آهي، جو دُنيا جي سرمائيدار ۽ صنعتي ملڪن هن گِرهه کي گِرين هائوس گئسن جي ذريعي دوزخ ۾ بدلائڻ ۾ ڪا به ڪسر باقي نه ڇڏي آهي ۽ ماحولياتي گدلاڻ ۽ تباهيءَ جي نتيجن کي وري ڀوڳڻو وري به غريب ۽ اُسرندڙ ملڪن کي پوي ٿو. ماحولياتي تبديلي ۽ گلوبل وارمنگ کان متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ پاڪستان پڻ شامل آهي ۽ هتي ته گرمي پد ايترو ته وڌي ويو آهي جو ماڻهو مرڻ لڳا آهن ۽  ڏينهون ڏينهن انهن جي تعداد ۾ اضافو ٿيندو وڃي. مٿان وري بجلي ڪمپنيون لوڊ شيڊنگ/لوڊ مئنيجمينٽ جي نالي ۾ بجلي بند ڪري ان تعداد ۾ وڌيڪ اضافو ڪري ملڪ سان شايد آبادي جو بار گهٽائڻ وري مشن تي ڪم ڪري رهيون آهن. سنڌ ۾ ته بجلي ڪمپنين (حيسڪو/سيپڪو/ ڪي اليڪٽرڪ) حالتون وڌيڪ خراب ڪري ڇڏيون آهن ۽ سنڌ انتظاميا عوام جي اهنجن ۾ واڌ وارن هنن ڏينهن ۾ عوام کان وٿيرڪي بيٺل آهي. رُڳو ڪراچيءَ ۾ گرميءَ ۽ ان سان لاڳاپيل اهنجن جي ڪري هڪ هفتي اندر رُڳو ايڌي فائونڊيشن جي رپورٽ ٿيل انگن اکرن موجب ايڌي سرد خانن ۾ 695 لاش آندا ويا آهن. اهو تعداد صرف ايڌي فائونڊيشن جي سرد خانن ۾ آندل لاشن جو آهي ۽ ٻين ادارن ۽ اسپتالن جو ڳاڻيٽو ان کان الڳ آهي. سنڌ جي ٻين ضلعن جا مڪمل انگ اکر سامهون آيا ته اهو خود سنڌ جي منتظمين جي گورننس ۽ انتظامڪاريءَ تي سوال هوندو، جنهن سنڌ جي عوام کي بجلي ڪمپنين جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏي ڏنو آهي.

سڄي ملڪ ۾ سنڌ اهو واحد صوبو آهي، جيڪو گرمي پد وڌڻ سان گهڻو متاثر ٿيو آهي. مٿان وري گهڻي لوڊ شيڊنگ ۽ بجليءَ جي بندش پڻ سنڌ ۾  ٿي رهي آهي، ڪن ڪن هنڌن تي ته 16 کان 20 ڪلاڪن جي بجليءَ جي بندش جون خبرون آهن، بجليءَ جي بندش سان جتي ماڻهن جا اهنجن وڌيا آهن، اُتي ڪاروبار کي پڻ هاڃو رسيو آهي، ميونسپل سهولتون ٺپ ٿي ويون آهن، سنڌ اهو نٿي سنڀري ٿي ته ڪڏهن گرميءَ ۽ بجليءَ جي بندش سبب ايڏي وڏي تعداد ۾ ماڻهو مُئا هُجن، اهو ممڪن آهي ته ايڏي وڏي تعداد ۾ سمورا ماڻهو گرمي وگهي نه مئا هجن، پر شديد گرميءَ وارن ڏينهن ۾ ايڏي وڏي تعداد ۾ ماڻهن جي مرڻ مان اهو سمجهي سگهجي ٿو ته، گهڻائي گرميءَ سبب ۽ بجليءَ جي سبب موت جو شڪار ٿي آهي. سنڌ ۾ ايتري گهڻي بجلي جي بندش مان ڇا اهو نه سمجهجي ته سنڌ کي ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت جي سزا ڏني پئي وڃي؟ هيڏي وڏي پئماني تي گرمين ۾ ماڻهو پيا مرن، بجليءَ جي بندش ان ۾ اضافي جو سبب بڻجي رهي آهي پر اسان جي حڪمرانن جهڙا صابرين شايد هن ملڪ ۾ ڪٿي به نه هجن، جيڪي انتهائي عفو ۽ درگذر سان سنڌ جي عوام سان بجلي جي حوالي سان ٿيندڙ ناانصافين کي ڏسي رهيا آهن. اهي نه ان سلسلي ۾ وفاق سان ڳالهائڻ لاءِ تيار آهن ۽ نه ئي سنڌ جو چونڊيل ايوان ڪو سگهارو احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ تيار آهي. هنن شديد گرمين جي ڏينهن ۾ لوڊشيڊنگ جي ناجائز سزا کان سنڌ کي بچائڻ جي ضرورت آهي. سنڌ جي حڪمران جماعت وفاق ۾ به اقتدار ۾ مسلم ليگ (ن) سان ڀائيوار آهي ۽ جڏهن پاور شيئرنگ جي حوالي سان ڪنهن واعدي تي عمل نٿو ٿئي ته، سخت احتجاج ڪندي وزير اعظم کان مطالبا مڃرايا وڃن ٿا پر معاملو جڏهن سنڌ جي عوام جي زندگين جو هجي ته لاتعلقي ڪنهن به صورت ۾ مناسب نه آهي.

سنڌ ۾ گرميءَ جو وڌڻ جتي انتئي هاڃيڪار ثابت ٿي رهيو آهي، اتي بجلي ڪمپنين لوڊشيڊنگ ذريعي ان جي اثرن کي وڌيڪ شديد ڪرڻ ڪا به ڪسر باقي ناهي ڇڏي. دُنيا جي ملڪن ماحولياتي تبديلين سان گڏ جيئڻ جو ڍنگ سکي ورتو آهي پر سنڌ ۾ حڪمرانن جي اها ترجيح ئي ناهي. نه ته اڳوڻي پي ٽي آءِ حڪومت جي منصوبي “بِلين ٽِري سونامي” جهڙو ڪو پراجيڪٽ شروع ڪرڻ گهرجي (اها جدا ڳالهه آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت جو بلين ٽري سونامي منصوبو ڪاغذي هو) وڏي تعداد ۾ مڪاني حڪومتن ذريعي وڻ پوکڻ جي مهم شروع ڪئي وڃي. ايم پي ايز کي پابند ڪيو وڃي ته، اهي به پوکڻ واري مهم جي نگرني ڪن. سنڌ جي حڪمرانن کي وفاق سان به ڳالهائڻ گهرجي ۽ بجليءَ ۾ سنڌ سان ٿيندڙ ناانصافيءَ تي احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ گهرجي.