سنڌ کان وڇڙيو آهين وسريو ناهين: شهيد بشير خان قريشي جي ورسي، ڀيٽا پيش

0
311
سنڌ کان وڇڙيو آهين وسريو ناهين: شهيد بشير خان قريشي جي ورسي، ڀيٽا پيش
سنڌ کان وڇڙيو آهين وسريو ناهين: شهيد بشير خان قريشي جي ورسي، ڀيٽا پيش

سنڌ کان وڇڙيو آهين پر وسريو ناهين، جسقم جي شهيد چيئرمين بشير خان قريشي جي اڄ يارهين ورسي ملهائي پئي وڃي، رتيديري ۾ بشير خان قريشي جي مزار وٽ ورسي جي مک تقريب رٿيل آهي

جسقم چيئرمين صنعان قريشي افطاري کان اڳ ڪارڪنن سان گڏ مزار تي حاضري ڀريندو، سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان پهتل هزارين ڪارڪنن کي افطاري به ڪرائي ويندي

جسقم چيئرمين صنعان قريشي چيو آهي ته منهنجي بابا جي شهادت کي 11 سال گذري ويا آهن پر سندس خون سان انصاف نه ٿيو آهي

هن چيو ته شهيد بشير خان قريشي جو ڪيس هاڻي سنڌي قوم جي عدالت ۾ آهي، تاريخ شهيد جي خون سان انصاف ضرور ڪندي