سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جا امتحاني نتيجا چيلينج، چيئرمين کان جواب طلب

0
212
سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جا امتحاني نتيجا چيلينج، چيئرمين کان جواب طلب
سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جا امتحاني نتيجا چيلينج، چيئرمين کان جواب طلب

حيدرآباد: سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ ميونسپل آفيسر جي ڀرتين ۾ من پسند اميدوارن کي نوڪريون ڏيڻ تي ٽيسٽ ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن پاران داخل پٽيشن تي مڪاني کاتي جي سيڪريٽري ۽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي چيئرمين کي نوٽيس جاري ڪندي 22 نومبر تي جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

حيدرآباد واسي ملڪ منير رند، قمبر شهدادڪوٽ واسي سارنگ ابڙو، دادو واسي امجد علي، لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ فياض حسين بروهي سميت 16 اميدوارن وڪيل معرفت پٽيشن داخل ڪرائي هئي

ميونسپل آفيسر جي ٽيسٽ دوران 80 کان 90 مارڪون حاصل ڪرڻ باوجود فيل ڄاڻايو ويو

پٽيشن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته ايس پي ايس سي پاران ڪامياب اميدوارن جي جاري ڪيل لسٽ ۾ هڪ ئي خاندان جا 2 کان 3 اميدوار شامل آهن

اميدوارن استدعا ڪئي ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ميونسپل آفيسر جي نتيجن ۾ هاءِ ڪورٽ توڙي سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي خلاف ورزي ڪئي آهي ان ڪري ڄاڻايل نتيجا ڪالعدم قرار ڏنا وڃن

درخواستگذارن موجب ايس پي ايس سي پاران ميونسپل آفيسر جي نتيجن ۾ قانوني گهرجون پوريون ناهن ڪيون ويون، ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن کي زباني انٽرويو ۾ فيل ڄاڻائي من پسند ۽ سفارشي اميدوار ڀرتي ڪيا ويا آهن جنهن ڪري نتيجن تي اسٽي ڏنو وڃي

عدالت وڪيل جا دليل ٻڌڻ بعد ايندڙ ٻڌڻي تي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي سيڪريٽري ۽ ڪنٽرولر کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو