سنڌ ٻهراڙي کي وفاق ۾ 35 هزار گهٽ ملازمتون: پنجاب ۽ ڪي پي کي سوا لک وڌيڪ ملازمتون ملڻ جو انڪشاف

0
249

اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) وفاقي حڪومت، خودمختيار، نيم خودمختيار ۽ ڪارپوريشنن ۾ ڪم ڪندڙ سرڪاري ملازمن جي سال 20-2019ع جي رپورٽ جاري، وفاقي ملازمتن ۾ سنڌ ٻهراڙي جي ڪوٽا جي وڏي پيماني تي لتاڙ، ڪوٽا کان 35254 گهٽ ملازم مقرر ٿيل هجڻ جو انڪشاف، خيبر پختونخوا صوبي مان مقرر ڪوٽا کان 94423 ملازم، فاٽا مان 21410، پنجاب مان مقرر ڪوٽا کان 7755، شهري سنڌ مان مقرر ڪوٽا کان 12139 وڌيڪ ملازم مقرر ٿيل آهن، بلوچستان مان ڪوٽا کان گهٽ مقرر ٿيل آهن تفصيل موجب اسٽيبلشمينٽ ڊويزن سال 20-2019ع دوران وفاقي حڪومت، خودمختيار، نيم خودمختيار ادارن ۽ ڪارپوريشنن ۾ ڪم ڪندڙ سرڪاري ملازمن جي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، جاري ٿيل رپورٽ ۾ مطابق وفاقي حڪومت ۾ ڪل 565082 ملازم ڪم ڪري رهيا آهن، جڏهن ته خودمختيار نيم خودمختيار ادارن ۽ ڪارپوريشنن ۾ ڪل 389297 ملازم ڪم ڪري رهيا آهن، ائين وفاقي سرڪاري ملازمن جو مجموعي تعداد 954379 ٿئي ٿو، وفاقي ملازمتن ۾ سنڌ ٻهراڙي جي ڪوٽا 11.4 سيڪڙو آهي، ان حساب سان ٻهراڙي سنڌ مان وفاقي حڪومت ۾ ڪم ڪندر ڪل ملازمن مان 108799 ملازم مقرر ٿيل هجڻ گهرجن ها، پر مجموعي طور تي سنڌ ٻهراڙي مان 73545 ملازم مقرر ٿيل آهن يعني ڪوٽا کان 35254 گهٽ مقرر ٿيل آهن، وفاقي حڪومت ۽ ان جي ماتحت ادارن ۾ ڪل ڪم ڪندڙ 565082 ملازمن مان مقرر ڪوٽا تحت سنڌ ٻهراڙي مان 64419 ملازم مقرر هجڻ گهرجن ها، پر 36673 ملازم مقرر ٿيل آهن يعني27746 گهٽ مقرر ٿيل آهن، خودمختيار ادارن ۽ ڪارپوريشنن ۾ ڪم ڪندڙ 389297 ملازمن مان مقرر ڪوٽا تحت سنڌ ٻهراڙي مان 44379 ملازم مقرر هجڻ گهرجن ها پر 36872 ملازم مقرر ٿيل آهن، جيڪي 7623 ملازم ڪوٽا کان گهٽ آهن، جڏهن ته وفاقي حڪومت توڙي خودمختيار ادارن ۽ ڪارپوريشنن ۾ مقرر 7.6 سيڪڙو ڪوٽا جي حساب سان شهري سنڌ مان مجموعي طور تي ڪل 72532 ملازم مقرر هجڻ گهرجن ها، پر شهري سنڌ مان 84671 ملازم مقرر ٿيل آهن، يعني مجموعي طور تي ڪوٽا کان 12139 ملازم وڌيڪ مقرر ٿيل آهن، وفاقي ملازمتن ۾ خيبر پختونخوا جو حصو 11.5 سيڪڙو آهي، ان حساب سان خيبر پختونخوا مان وفاقي حڪومت، خودمختيار ادارن ۽ ڪارپوريشنن ۾ مجموعي طور تي 109753 مقرر ٿيل هجڻ گهرجن ها پر خيبر پختونخوا مان مجموعي طورتي 204176 ملازم مقرر ٿيل آهن،جيڪي ڪوٽا کان 94423 ملازم وڌيڪ مقرر ٿيل آهن، وفاقي حڪومت جي ڪل ملازمتن ۾ پنجاب ۽ اسلام آباد جي گڏيل ڪوٽا 50 سيڪڙو آهي، ان حساب سان پنجاب صوبي مان ڪم ڪندڙ ڪل ملازمن مان 477189 ملازم مقرر ٿيل هجڻ گهرجن ها، پر پنجاب صوبي مان 484944 ملازم مقرر ٿيل آهن، اهي ڪوٽا کان 7755 ملازم وڌيڪ مقرر آهن، جنهن جو مطلب اهو ٿيو ته اڪيلي پنجاب صوبي مان وفاقي حڪومت ۾ ڪم ڪندڙ ڪل ملازمن مان 50 سيڪڙو کان به وڌيڪ ملازم مقرر ٿيل آهن، وفاقي ملازمتن ۾ بلوچستان جي ڪوٽا 6 سيڪڙو مقرر ٿيل آهي، ان حساب سان بلوچستان جو ملازمتن ۾ حصو 57262 ٿئي ٿو، پر بلوچستان مان مجموعي طور تي 43741 ملازم مقرر ٿيل آهن، ائين بلوچستان مان ڪوٽا کان 13481 ملازم گهٽ مقرر ٿيل آهن، آزاد ڪشمير جو ملازمتن ۾ حصو 2 سيڪڙو آهي، جنهن حساب سان آزاد ڪشمير مان 19087 ملازم مقرر ٿيل هجڻ گهرجن ها، پر آزاد ڪشمير مان 13052 ملازم مقرر ٿيل آهن، اهي ڪوٽا کان 6035 ملازم گهٽ مقرر ٿيل آهن، گلگت بلتستان مان ڪوٽا تحت 19087 ملازم مقرر هجڻ گهرجن، پر 9713 ملازم مقرر ٿيل آهن، يعني 9374 ملازم گهٽ مقرر ٿيل آهن، وفاقي ملازمتن ۾ فاٽا جو حصو 2 سيڪڙو آهي جنهن حساب سان فاٽا مان 19087 ملازم مقرر ٿيل هجڻ گهرجن ها پر فاٽا مان مجموعي طور تي 40497 ملازم مقرر ٿيل آهن، ان حساب سان فاٽا مان 21410 ملازم ڪوٽا کان وڌيڪ مقرر ٿيل آهن.