ڄامشورو (پ ر) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي سالياني امتحانن واري ڪنٽرولر پروفيسر ڊاڪٽر سراج الحق ڪانڌڙو پاران سيپٽمبر 2021ع ۾ ورتل ايل  ايل بي حصو پھريون سالياني امتحان 2019ع جي نتيجن جو اعلان ڪيو ويو آهي. ڪنٽرولر موجب ايل ايل بي پارٽ ون جي سالياني امتحانن ۾ ڪل 2709 شاگردن حصو ورتو، جن مان 2060 اميدوار ڪامياب ۽ 391 اميدوار فيل قرار ڏنا ويا، جڏھن ته 109 اميدوار غير حاضر رهيا ۽ هڪ اميدوار کي اڳواٽ ئي پاس قرار ڏنو ويو آهي. ان کان سواءِ 148 اميدوارن جو نتيجو مختلف سببن جي ڪري روڪيو ويو آهي. امتحانن ۾ اميدوارن جي ڪاميابيءَ جو تناسب 76.04 سيڪڙو رهيو.