ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ ورسٽي جي اربين رپين جي 1900 ايڪڙ زمين تي  قبضا هجڻ جو سنڌ اسيمبلي ۾ اعتراف،  يونيورسٽي اينڊ بورڊز واري وزير اسماعيل راهو ڪالهه ايوان ۾ سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته سنڌ ورسٽي جي 10هزار ايڪڙ زمين آهي، جنهن مان 19 سئو ايڪڙن تي قبضا ٿيل آهن، اهي قبضا 1980 کان ٿيل آهن، هن چيو ته مادرعلمي جي قبضي هيٺ آيل زمين تي گهر ۽ مسجدون ٺهي ويون آهن، ڪورٽن ۾ ڪيس هجڻ ڪري قبضا ختم نه ٿي سگهيا آهن، هن وڌيڪ چيو ته. ديهه ريلو ۾ 780 ايڪڙ زمين جا کاتا تبديل ڪيا ويا آهن، ديهه موڙهو  جبل وٽ مصري کوسو، يوسف کوسو ۽ عبدالله چاوڙو ڳوٺ  قبضي جي زمين تي ٺهيل آهن،  ديهه سون ولھار جي 19 ايڪڙ  زمين تي پڻ قبضو ٿيل آهي، هن چيوته پيپلزپارٽي جي 15 سالن جي حڪومت دوران مادرعلمي جي زمين تي ڪوبه قبضو نه ٿيو آهي، اسان ته قبضا ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني اجلاس جمعي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.