سنڌ هائوس محفوظ نه رهيو ته گورنر هائوس به محفوظ نه رهندو: سردار چانڊيو

0
603
سنڌ هائوس محفوظ نه رهيو ته گورنر هائوس به محفوظ نه رهندو: سردار چانڊيو
سنڌ هائوس محفوظ نه رهيو ته گورنر هائوس به محفوظ نه رهندو: سردار چانڊيو

دادو جي مقامي عدالت ۾ ام رباب چانڊيو جي پيءَ مختيار احمد، ڏاڏي ڪرم الله ۽ چاچي ڪابل چانڊيو جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي،  جنهن سلسلي ۾ پي پي ايم پي اي ڀائر سردار ۽ برهان چانڊيو عدالت ۾ پيش ٿيا

ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ فريادي جي پيش نه ٿيڻ تي ٻڌڻي 2 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي، جڏهن ته  2 جوابدارن علي گوهر ۽ ذوالفقار جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي 2 اپريل تي رکي وئي

عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي سردار چانڊيو چيو ته فريادي ڌر جي مرضي آهي اچي يا نه اسان ته هر حاضري تي اچون ٿا

هن چيو ته اسلام آباد ۾ سنڌ هائوس تي ٿيل حملي کي سنڌ تي حملو سمجهون ٿا، جيڪڏهن سنڌ هائوس محفوظ نه رهيو ته هنن جو گورنر هائوس به محفوظ نه رهندو

 

ھي به پڙھندا

پي ٽي آءِ ڪارڪنن جو سنڌ هائوس تي حملو، گيٽ ٽوڙي اندر داخل