سنڌ هائوس حملو ڪيس: ضمانت رد ٿيڻ بعد ٻه پي ٽي آءِ ايم اين ايز گرفتار

0
260
سنڌ هائوس حملو ڪيس

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هائوس حملي ڪيس ۾ ضمانت رد ٿيڻ تي پاڪستان تحريڪ انصاف جي ٻن قومي اسيمبلي ميمبرن کي گرفتار ڪيو ويو آهي

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس طارق محمود جهانگير سنڌ هائوس حملي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ درخواستگذار جمال مندوخيل طرفان وڪيل راجا نذير پيش ٿيو ۽ جوابدارن جي ضمانت رد ڪرڻ جي استدعا ڪئي، جڏهن ته جوابدارن طرفان فيصل صديقي ايڊووڪيٽ پيش ٿي ڪري دليل ڏنا

عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد پي ٽي آءِ جي ايم اين ايز عطاءُ الله ۽ فهيم خان جي عبوري ضمانت رد ڪري ڇڏي، عدالت طرفان ضمانت رد ٿيڻ بعد پوليس ٻنهي ڄڻن کي ڪورٽ روم مان گرفتار ڪري ورتو

واضح رهي ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان خلاف بي اعتمادي واري رٿ جمع ڪرائڻ کان اڳ سنڌ هائوس ۾ پي ٽي آءِ جي ميمبرن کي مبينا طورتي خريد ڪرڻ لاءِ گڏ ڪيو ويو هو، جنهن تي پي ٽي آءِ ڪارڪنن سنڌ هائوس اسلام آباد تي مبينا حملو ڪيو هو ڀڃ ڊاهه به ڪئي وئي هئي

ھي به پڙھندا

سنڌ ھائوس ۾ ترسيل ميمبرز سان واسطو ناھي: سنڌ پوليس