حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ ايچ ڊي اي جي 29 رٽائرڊ ملازمن کي پينشن فراهم نه ڪرڻ خلاف داخل پٽيشنز تي حيدرآباد ڊولپمينٽ اٿارٽي جا سمورا اڪائونٽ سيل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ايچ ڊي اي مان رٽائرڊ ٿيل ملازمن محمد يونس ميمڻ، مقصود جماڻي، سيد نديم ۽ ٻين وڪيل عمران ٻوڙاڻو معرفت پٽيشن داخل ڪرائي هئي، جنهن ۾ انهن موقف اختيار ڪيو ته ايچ ڊي اي پاران گريڊ هڪ کان 20هين گريڊ جي رٽائرڊ ملازمن کي 10 مهينن کان پينشن ناهي فراهم ڪئي وئي جنهن ڪري هو بک ۽ بدحالي جي ور چڙهي ويا آهن، پٽيشن تي ٻڌڻي جسٽس ظفر احمد راجپوت ۽ جسٽس محمد فيصل ڪمال عالم تي مشتمل ڊويزنل بئنچ ڪئي. عدالت پاران طلب ڪرڻ ڊائريڪٽر جنرل ايچ ڊي اي پرويز بلوچ ۽ ٻيا عملدار پيش ٿيا. عدالت ڊي جي ايچ ڊي اي کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان ملازمن کي پينشن ڇو فراهم نه پيا ڪيو؟ جنهن تي ڊي جي عدالت کي آگاهي ڏني ته وٽن فنڊ ناهن. عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ڊي جي کان پڇاڻو ڪيو ته ايچ ڊي اي جا ڪيترا اڪائونٽ آهن؟ جنهن تي ڊي جي عدالت کي آگاهي ڏني ته ايچ ڊي اي جا 10 کان 12 اڪائونٽ آهن. عدالت کانئس پڇاڻو ڪيو ته ملازمن جا پئسا سندن پگهارن مان ڪٽيا ويا، پوءِ اهي اڪائونٽ ۾ ڇو ناهن، اوهان اسان کي سمورن اڪائونٽس جا تفصيل فراهم ڪيو، جيستائين اسان اڪائونٽ سيل ٿا ڪيون. عدالت ٻڌڻي 11 جولاءِ تائين ملتوي ڪندي ڊي جي کي حڪم ڏنو ته جيستائين ملازمن کي پينش فراهم نه ٿيندي اوستائين ايچ ڊي اي جا سمورا اڪائونٽ بند رهندا.