ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جا 10 شاگر صوبائي محتسب ۾ سفير  مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي ۾  ورڪشاپ منعقد ڪيو ويو، جنهن جي صدارت سنڌ جي صوبائي محتسب اعليٰ محمد سهيل راجپوت ڪئي، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جي 10 شاگردن کي محتسب اعليٰ جي آفيس پاران برانڊ ايمبيسيڊر مقرر ڪيو ويندو، جيڪي محتسب اعليٰ جي ڪم ۽ ذميوارين بابت ڄاڻ پنهنجن ساٿي شاگردن ۽ عام ماڻهن  تائين پهچائڻ جو ڪم سرانجام ڏيندا. شاگردن خطاب ڪندي محتسب اعليٰ محمد سهيل راجپوت چيو ته سفير طور چونڊيل شاگرد محتسب اعليٰ ۽ ٻين شاگردن توڙي ڪميونٽي جي وچ ۾ پل جو ڪم ڪندا، ان کان اڳ سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائي چيو ته سنڌ مدرسه يونيورسٽي ۽ محتسب اعليٰ سنڌ جي آفيس گڏيل طور تي سماجي شعور پکيڙڻ لاءِ ڪم ڪندا.