سنڌ مدد جي منتظر آهي

0
251
مخلوق خدا جو مورت مارچ

  سنڌ سميت بلوچستان، ڪي پي ۽ پنجاب جو  ڪجهه حصو هاڻوڪين برساتن جي ڪري مڪمل تباهه آهي، ڪروڙين ماڻهو بي گهر ٿي ويا آهن، لکين گهر ڊهي پٽ پئجي ويا آهن، هزارين جانيون ضايع ٿي چڪيون آهيون. لکين ماڻهو بيمارين ۾ وڪوڙيل آهن، ملڪ جي صورتحال بدترين آهي، اسين سڀئي هن وقت نه رڳو ڏکيائين ۾ آهيون پر ايندڙ وقت به اسان جي لاءِ مشڪلاتن کان خالي نه هوندو. هن وقت صرف آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ماڻهو آهن، جيڪي پنهنجن ڳوٺن مان نڪري ڪنهن شهر ۾ قائم ٿيل ڪيمپ يا ڪنهن مٽ مائٽ وٽ اچي پهتا آهن. 90 سيڪڙو ماڻهو اڃا تائين انهن پنهنجي ڳوٺن جي آسپاس ڪنهن ڪنڊ ۾ پنهنجي معصوم ٻچن سميت پناهه وٺي ويٺل آهن، ڇاڪاڻ ته انهن کي هڪ ته پاڻي مان گذرڻ جو ڪو گس نٿو ملي ۽ ٻيو وري جيڪڏهن ڪو گس ڳولي وٺي ٿو ته کيس اتان نڪرڻ لاءِ ڪا سواري نٿي ملي، نتيجي طور اهو بکن ۾ پاهه پنهنجي ڳوٺ جي ڪنڌي تي موجود آهي. جيئن جيئن پاڻي وڌيڪ اچڻ جو اطلاع ملي ٿو تيئن مون کي انهن ماڻهن جو الڪو وڌيڪ ٿئي ٿو. برساتي پاڻي ماضي ۾ منهنجي يادگيري وارين سمورن ٻوڏن يا پاڻي جي ڪري آيل تباهين جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن. مون سنڌ جي وڏي وزير جي سيوهڻ ڀرسان ڪنهن ڳوٺ ۾ ميڊيا سان ڪيل ڳالهه ٻولهه ٻڌي انهي جي ڳالهين مان مون کي حڪومتي بيوسي جي انتها نظر آئي، ڇاڪاڻ ته سي ايم هوندي به ڪو ماڻهو پنهنجي ماڻهن کي هڪ ٽينٽ نه ڏئي سگهي، ا نهي کان وڌيڪ بيوسي ٻيو ڇا هوندي؟ يقينن حڪومت وٽ جيڪي ٽينٽ ۽ ٻيون اهڙين آفتن لاءِ گهربل شيون موجود هيون، اهي انهن عوام ۾ تقسيم ڪيون هونديون ته کٽي پيون هونديون، هاڻي جيستائين ڪي نوان ٽينٽ ۽ ٻيو سامان اچي تيستائين اهي ماڻهو کليل آسمان هيٺ ئي ويٺا رهندا ۽ مان سمجهان ٿي جيڪڏهن حڪومت وٽ هجن ها ته ضرور انهن ماڻهن کي ملي وڃن ها. هونئن ته حڪومت تي ڪيترائي الزام لڳايا وڃن ٿا ۽ آڱريون کڄن ٿيون  پر سچي ڳالهه اها آهي ته ڪوبه ماڻهو جيڪڏهن سي ايم هجي ۽ پنهنجي تڪ جي عوام کي ٽينٽ نه ڏئي سگهي ته يقينن اهو پاڻ به انهي ڳالهه تي ڪيترو پريشان هوندو انهي جو انداز اهو پاڻ ئي لڳائي سگهي ٿو. پر جيڪڏهن تنبو هجن ها ته ضرور انهن کي ملن ها ، ڇاڪاڻ ته سڀاڻي وري به اليڪشن ۾ موجودھ سي ايم  کي انهن ئي ماڻهن ڏانهن اچڻو آهي، سو هو انهن کي تڪليف ۾ ضرور مدد ڪري ها. اهڙي ريت باقي به وزير ۽ چونديل نمائندا پنهنجي تڪن ۾ موجود آھن. تعليم واري وزير پاران پنهنجي علائقي مان پاڻي نيڪالي لاءِ پاڻي جي قدرتي وھڪرن تان قبضا ھٽائڻ وارو ڪيل ڪم ھن کان اڳ ۾ ڪنهن به نه ڪيو ھو ۽ ھن ته ٻوڏ متاثرن کي بينظير انڪم سپورٽ جي ملندڙ رقم مان ڪثوتي ڪندڙن کي گرفتار به ڪرايو. ايئن ئي سڄي سنڌ جا وزير، مشير توڙي چونڊيل نمائندا پنهنجي حصي جو ڪم ڪندي نظر اچن ٿا. ان باوجود به مٿن عوامي تنقيد سوشل ميڊيا ذريعي نظر اچي پئي.

پريشان حال ماڻهو واھر جا منتظر آھن ته انھن جي پريشاني واري حالت ۾ نظر انھن ئي ماڻهن ڏانهن آھي جيڪي حڪومت ۾ آھن. مون کي سوشل ميڊيا تي سي ايم جي ھڪ صلاحڪار ويرجي ڪولھي جو ڪم وڻيو. ويرجي ڪولھي بنيادي طور ھڪ غريب گھراڻي سان تعلق رکي ٿو، کيس خبر به آھي ته ھن جي ڪميونٽي جا ماڻهو غربت ۾ وڪوڙيل آھن، انھن کي ڪشمور کان ڪارونجھر  تائين طبقاتي نظام جي ڪري پٺتي ڌڪيو ويندو آھي، انھي ڪري ھن بدين ۽ ڀرپاسي جي بي گھر ٿيل ڪولھي ڪميونٽي جي ماڻهن جي مدد لاءِ پنهنجي حڪومت جي امداد جي آسري بدران ذاتي طور ڪوششون ڪري اسلام آباد سميت ملڪ جي مختلف حصن ۾ موجود پنهنجي واسطيدار ماڻهن تائين ايپروچ ڪري ۽ متاثرين لاءِ خيمن سميت گھربل سامان ھٿ ڪيو ۽ ورھائي آيو. اھا حقيقت آھي ته امداد حڪومت جي ذميواري آھي پر حڪومت چوي ٿي ته اسان وٽ ڪجهه ناھي ته پوءِ حڪومت خلاف تنقيد ڪرڻ تي وقت وڃائڻ بدران ھر ماڻهو پنهنجي ھڙان وڙان ھٿ پير ھڻي ماڻھن جي مدد ڪري ۽ ھن وقت حياتيون بچائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري. سي ايم گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان سڄي سنڌ جا دورا ڪري پيو، مٿس تنقيد ڪندڙ ڀلي تنقيد ڪن پر هن جيڪا حقيقي صورتحال هئي اها دنيا جي آڏو رکي ته هن وقت اهي هٿين خالي ۽ مدد جا منتظر آهن. سنڌ ۾ جڏهن سرڪار پنهنجو حال سڀني جي سامهون رکيو، پوءِ مٿس ڪيتري به تنقيد ڇو نه ڪجي پر منهنجي خيال ۾ هاڻي ماڻهن کي ميدان ۾ اچڻو پوندو، ماڻهن ميدان ۾ اچن ۽ ڪنهن وڏي امداد جو انتظار ڪرڻ بدران پنهنجي ماڻهن جي پاڻ مالڪي ڪن. مون ڏٺو پئي ته هڪ گهر جي ڇت تي موجود هڪ خاندان جي معصوم ٻارن سميت سمورن گهر ڀاتين کي هيليڪاپٽر ذريعي پاڪ فوج جا جوان ريسڪيو پيا ڪن، اهو منظر هانءُ ڏاريندڙ هو، جڏهن سمورو گهر پاڻي جي وچ ۾ هو، گهر جا ڀاتي انهي گهر جي ڇت تي پناهه وٺي ويٺل هئا ته اسان جا فوجي جوان انهن جي حياتي بچائڻ لاءِ اتي موجود هئا، تڪليف جي انهي لمحي ۾ اهي يادگار لمحا خوشي جو سبب پڻ بڻجن ٿا.

 سنڌ ۾ جيڪي ماڻهو ڦاٿل آهن، بي گهر آهن، انهن ماڻهن کي مختلف سماجي ادارا مدد ڪن پيا، اسان جو هڪڙو مائٽ ادا امتياز ملاح خيرپور ڀرسان پنهنجي اباڻي حويلي ۾ سوين خاندانن کي رهائي انهن جي ضرورت جون سموريون شيون مهيا ڪري پيو. پير ڳوٺ ۾ پير سائين پاڳاري وارا ماڻهن کي ماني سميت سموريون ضرورت جون شيون فراهم ڪن پيا، اهي عمل انسانيت جي تاريخ ۾ هميشه ياد رکيا ويندا. پير سائين پاڳاري جي انهي عمل تي ٻيا گادي نيشن به غور ڪن، سنڌ جي اوليائن ۽ بزرگن جي درگاهن تي ڪيترائي ماڻهو رهڻ جي هر وقت گنجائش هجي ٿي ۽ اتي ڇت توڙي باٿ روم جهڙيون بنيادي سهولتون مهيا هجن ٿيون، اتي نياز لنگر عام هجي ٿو، هر گادي نشين کي هن ڏکئي وقت ۾ اهو اعلان ڪرڻ گهرجي ته متاثر ماڻهو جيڪي به انهن درگاهن تي ويندا ته کين سموريون سهولتون فراهم ڪيون وينديون. اهڙي ريت باقي به جيڪي ماڻهو مخير آهن، انهن کي ميدان ۾ اچڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته حڪومت واضع طور اعلان ڪري چڪي آهي ته حڪومت وٽ وسيلا ناهن، انهي ڪري ڇو نه اسين پاڻ پنهنجن لاءِ وسيلا پيدا ڪريون. هن وقت ڪيترائي ماڻهو ڪراچي ۽ حيدرآباد جو رخ ڪن پيا، جيڪو هڪ سٺو سنئوڻ آهي، اهي ماڻهو جيستائين سندن علائقن مان پاڻي نڪري تيستائين هتي رهندا ته پنهنجي ڪنهن واسطيدار ماڻهو جي معرفت ڪنهن نه ڪنهن روزگار سان لڳي ويندا ۽ ايئن اهي پنهنجو روزگار ڪري پريشانين مان پاڻ کي ڪڍي وٺندا. اجڙي ويل خوابن کي نئين سر اکين ۾ سجائي وٺندا، پر جيڪي ماڻهو شهرن ڏانهن نٿا اچن، انهن کي شهرن ڏانهن آڻڻ ۾ مدد ڪجي. انهن کي ڪوشش ڪري گهرائي وٺجي، هي جيڪا هينئر واري تباهڪاري آهي، انهي جو اثر رڳو ڪو هڪ ٻن ڏينهن يا مهيني تائين نه پر هي گهٽ ۾ گهٽ سال جو نقصان آهي. هن سال جا سمورا فصل ٻڏي ويا ته نون فصلن لاءِ زمين خالي ناهي زمين هموار ناهي، انهي ڪري فصل جي ڪا في الحال اميد به ناهي ته پوءِ  جڏهن سڄي سنڌ ٻڏي وئي آهي ته انهي سان ڀاڄيون، فروٽ، مرچ ۽ زرعي اپت سموري تباهه ٿي چڪي آهي، انهي ڪري هن وقت جيڪو ڪجهه اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ موجود آهي اهو ملي پيو پر اڳتي هلي انهن شين جو بحران پيدا ٿيندو. بصر، ٽماٽي کان وٺي اٽي ۽ کنڊ ۽ ٻين ضروت جي ھر شي تائين ممڪن آهي سڀ ڪجهه ٻاهران گهرائڻو پوي، جيڪو هڪ ته مهانگو ملندو، ٻيو جيڪو هاري طبقو بيروزگار ٿي ويو آهي انهي جي آمدني ٺپ ٿي وئي آهي ته اهو اسان کي گهڻ پاسائين پريشاني کي منهن ڏيڻ لاءِ هينئر کان ئي سندرو ٻڌڻو پوندو.

ھن وقت قيامت صغرا جھڙو منظر اکين سان ڏسون ٿا پيا تڏھن به موقعي پرست ۽ مفاد پرست خوف خدا کان بي خبر ٿي ماڻهن کي ڦرين پيا. سيلابي صورتحال ۽ انساني الميو انسانيت لاءِ سبق سکڻ جو ٽائيم آھي. ڏک ۽ افسوس جو اھو مقام آھي جو مان اھو لکڻ تي مجبور ٿي آھيان ته ماڻهو اکين سان سڀ ڪجهه تباھ ٿيندي ڏسن پيا پر پوءِ به خوف خدا ڪري ڪنهن جي مدد نٿا ڪن ۽ نه ئي وري ڪڌين حرڪتن کان باز ٿا اچن. اڄ اسان وٽ اٽي جو اگھه وڌايو ويو آھي، ڀاڄين سميت ضرورت جون شيون مھانگيون ڪرڻ کانسواءِ انھن متاثر خاندانن کي ڪنهن محفوظ ھنڌ وڃڻ لاءِ گھربل ٽرانسپورٽ ايڏي مھانگي ٿي وئي آھي جو ماڻهو پنهنجا زيور ۽ سڀ ڪجهه کپائي به ڀاڙو نٿا ڀري سگھن. وري ڪي ته ايڏا ڪريل ماڻهو به اسان جي سماج ۾ آھن جيڪي انھن ٻوڏ متاثرن جو سامان به ڦريو يا چوري ڪيو ٿا وڃن. ڪي ته ٻوڏ متاثرن جي آڙ ۾ امداد جي گاڏين کي ڦريو ٿا وڃن، اھي ماڻهو سماجي ناسور آھن انھن کي نه رڳو پڌرو ڪريون پر رستا روڪ ڪري سماجي بائيڪاٽ ڪريون. مدد لاءِ ويندڙ ماڻهن کي محفوظ دڳ ڏيون ته اھي متاثرن تائين پھچي سگھن. اسان کي ھاڻي ڀرم بازي بدران نوان دڳ ۽ گس ڳولي پنهنجي ماڻهن جي مالڪي ۽ مدد ڪرڻ پوندي، انهي سان ئي اسين سنڌ کي نئين سر سنڌ طور اڏي سگهنداسين. اڄ جيڪي ماڻهو ڳوٺن ۾ ڦاٿل آهن، انهن کي ريسڪيو ڪرڻ کان وٺي ڪراچي جي ڪيمپن تائين هڪ نوجوانن جو گروپ آهي جيڪو متحرڪ آهي، ممڪن آهي ته انهي ۾ سوشل ميڊيا جو به ڪردار هجي پر انهن سرگرم نوجوانن جو گروپ اسان لاءِ اتساهه جو سبب بڻيل آهي، مخير ماڻهو انهن نوجوانن جي مدد ڪن ته اهي نوجوان ميدان ۾ وڃي عملي طور پنهنجي ماڻهن جي مالڪي وارو ڪردار بهتر نموني ادا ڪري سگهن. هي وقت اختلاف، انائون، ڪاوڙ ۽ پلاند واري سوچ کي ختم ڪرڻ جو آهي، هي وقت متحد ٿي ميدان ۾ لهڻ جو آهي، جيڪڏهن اسين متحد ٿي سنڌ واسين جي مدد لاءِ پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وياسين، هڪ ٻڏندڙ ڪنهن انسان کي سهارو ڏئي تاري بچائڻ ۾ ڪامياب ٿي وياسين ته اسين پنهنجي وطن، پنهنجي  ڌرتي ۽ پنهنجي ماڻهن جي روشن مستقل جو ڏيئو بڻجي اڀرنداسين.