سنڌ لٽريچر فيسٽيول جو اڄ ٻيو ڏينهن، 12 کان وڌيڪ سيشن ٿيندا

0
173

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ لٽريچر فيسٽيول جي اڄ ٻي ڏينهن تي 12 کان وڌيڪ سيشن ٿيندا، سنڌي ۽ اردو زبان جي رشتي واري سيشن جو ميزبان ناميارو صحافي ممتاز بخاري ھوندو

پاڪستان جي موجوده سياسي صورتحال واري سيشن جو ميزبان سينيئر صحافي فياض نائچ ھوندو جڏھن ته مھمانن ۾ ناميارو صحافي طلعت حسين، اعزاز سيد، اويس توحيد ۽ ٻيا ھوندا

سنڌ جي ممبئي کان عليحدگي، حر تحريڪ ۽ ون يونٽ ۽ ڪالا باغ ڊيم مخالف تحريڪن بابت سيشن جو ميزبان ذوالفقار قادري ۽ مھمانن ۾ ڊاڪثر بخت جمال، پروفيسر اعڪاز قريشي ۽ ٻيا ھوندا

فيسٽيول جي موسيقي واري سيشن ۾ ناميارو راڳي احمد مغل ۽ اسلم فقير سر وکيريندا

 

 

 

ھي به پڙھندا

 

ميرپور ٻرڙو ڀرسان باهه لڳڻ سبب 30 کان وڌيڪ ڪکاوان گھر سڙي رک