ڪراچي (شوبز نيوز) سنڌ فنڪار ويلفيئر آرگنائيزيشن مرڪز طرفان ڪراچي جي باڊي جوڙي وئي. ڪراچي جي باڊي جو اعلان سنڌ فنڪار ويلفيئر آرگنائيزيشڻ جي مرڪزي چيئرمين ۽ تنظيم جي باني سيد منور علي شاهه هڪ ننڍڙي پر پُروقار تقريب ۾ ڪيو. هيءَ تقريب ڪراچي جي هڪ مقامي ثقافتي هوٽل ۾ ٿي گُذري، جنهن جي صدارت سفوا جي باني چيئرمين منور علي شاهه ڪئي ۽ مهمانِ خاص ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر سنڌ نثار احمد سولنگي ۽ سينئر اداڪار اسد خان قريشي هُئا، جڏهن ته مهمانن ۾ منظور آڪاش سولنگي صدر دادو ضلعو سفوا، انجينيئر عقيل احمد سولنگي، عاليه اعواڻ پ پ پ اڳواڻ، تنوير عباسي سياسي سماجي شخصيت، ماهزيب، منظور ڪيريو، شاهنواز سولنگي، ذوهيب منظور، رياض جوکيو ۽ ٻيا اداڪار، فنڪار شامل هُئا. ان کانپوءِ ليکڪ ۽ ڊراما نگار اظهر جوکيو آيل مهمانن کي آجياڻو ڏنو. سڀني مهمانن سفوا ڪراچي جي باڊي جُڙڻ تي سرهائي جو اظهار ڪيو ۽ مرڪزي چيئرمين سيد مُنور علي شاهه تي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو. تقريب جي آخر ۾ پنهنجي صدارتي تقرير دوران سفوا جي مرڪزي چيئرمين سيد منور شاهه ڪراچي جي باڊي جو اعلان ڪيو، جنهن ۾ صدر فدا حسين ملاڻو، نائب صدر آغا سهيل دراني، جنرل سيڪريٽري اظهر جوکيو، جوائنٽ سيڪريٽري رضوان صابر، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري شازيه، اطلاعات سيڪريٽري ناديا حسين چنا، فنانس سيڪريٽري ذيشان جوکيو، ميڊيا ڪو آرڊينيٽر ظهير سمون ۽ آفيس سيڪريٽري شاهجهان هڪڙو کي مقرر ڪيو ويو.