سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ اهم عهدا خالي : ڪار وهنوار ٺپ : 13 آفيسر پوسٽنگ انتظار ۾ ويٺل

0
256

ڪراچي(رپورٽ:شاهد ميراڻي) سنڌ ۾ نگران حڪومت دوران اهم عهدا خالي پيل، 20 ۽ 21 گريڊ جا 13 آفيسر پوسٽنگ جي انتظار ۾ هجڻ باوجود سروسز کاتي جي اختيارين پاران کين پوسٽنگ نه ڏني وئي! وفاقي ۽ صوبائي سروسز جي 13 آفيسرن کان مختلف کاتن ۾ خدمتون نه وٺڻ سبب اقليتن وارو کاتو، عورتن جي ڀلائي وارو کاتو، ڊي جي مائينز اينڊ منرل سميت ٻيا کاتا سيڪريٽرين کان محروم بڻيل، روينيو ۾ لينڊ يوٽيلائيزيشن ميمبر جي اهم پوسٽ به خالي پيل آهي

ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب سنڌ ۾ وفاقي ۽ صوبائي سروسز جا 21 گريڊ جا 3 آفيسر غلام مصطفيٰ ڦل، بقاء الله انڙ ۽ بدر جميل مينڌرو، 20هين گريڊ جا10 ڪامورا سهيل قريشي، خالد چاچڙ، زبير پرويز، راجا خرم شهزاد، اطهر ميراڻي، اختر بگٽي،  شفيق مهيسر، شريف شيخ، اڪبر لغاري ۽ احمد بخش ناريجو پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل آهن، نگران سرڪار اليڪشن ڪميشن جي منظوري بعد مختلف سيڪريٽرين جون 2 مرحلن ۾ بدليون ۽ مقرريون به ڪري چڪي آهي

عورتن جي ڀلائي، اقليتي معاملا، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ، سوشل پروٽيڪشن ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي کاتن ۾ سيڪريٽري واري عهدن تي ڪا مقرري ناهي ڪئي وئي، جڏهن ته ڊي جي مائنز اينڊ منرل، ڊي جي ذوالفقار آباد، ڊي جي محتسب ٻن عهدن سميت روينيو کاتي ۾ ميمبر لينڊ يوٽيلائيزيشن جي اهم پوسٽ به خالي پيل آهي. مليل ڄاڻ موجب سنڌ جي نگران سرڪار مختلف عهدا خالي هجڻ باوجود 20هين ۽ 21هين گريڊ جي 13 آفيسرن جي مقررين لاءِ اليڪشن ڪميشن ڏانهن سفارش به نه اماڻي وئي آهي، صوبائي سيڪريٽري نه هجڻ ڪري ڄاڻايل کاتن جو وهنوار رولڙي ۾ پيل آهي