ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ڪراچي ۾ حددخلين خلاف هلندڙ آپريشن تي تحفظات ظاهر ڪندي چيو آهي ته اسان جي سياسي ۽ انساني حقن تي ٿيندڙ حددخلين خلاف داخل پٽيشن جو به فيصلو ڪيو وڃي، سنڌ سيڪريٽريٽ سنڌي سيڪريٽريٽ بڻجي وئي آهي، ڪالهه ايم ڪيو ايم مرڪز تي پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته اسين به حددخلين خلاف آپريشن ۾ عدالتي فيصلي سان گڏ بيٺل آهيون، ايوب خان جي دور کان هتي قبضا شروع ٿيا، اهي قبضا هٽائڻ گهرجن پر قبضن جي نالي تي ڪراچي جي رهواسين کي مستقل نشانو بڻايو پيو وڃي، هن چيو ته عدالتي حڪم تي عمل جي نالي ۾ انصاف ۽ قانون جا بخيا اڊيڙيا پيا وڃن ، جن قبضن جي اجازت ڏني، اڄ اهي ئي وري قبضا ڊاهين پيا، اسان جي سياسي ۽ انساني حقن تي به حددخليون ٿي رهيون آهن، آدمشماري ۾ ڏنڊي نه پر ڏنڊو هنيو ويو آهي، هن چيو ته سنڌ سيڪريٽريٽ، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۽ ٻين ادارن ۾ ٻيون ٻوليون ڳالهائيندڙ ڪيترا آفيسر مقرر ٿيل آهن؟ هن چيف جسٽس آف پاڪستان سان مخاطب ٿيندي چيو ته هي شهر اوهان ڏانهن ڏسي پيو، سليڪٽڊ جسٽس از نو جسٽس ۽ انصاف ۾ دير به انصاف نه ٿيڻ برابر آهي، اسانکي يقين آهي ته اوهان جا فيصلا هن شهر جي بهتري لاءِ ئي هوندا.