ڪراچي(نمائندن وٽان) ڪي پي ۾ برسات سبب 9 ڄڻا فوت، سنڌ ۾ به وسڪارو، وڄ ڪرڻ سبب عورت حياتي وڃائي ويٺي، 18 ٻڪريون مري ويون، حيدرآباد ريجن جا سيفٽي طور 186 فيڊر بند، بجلي جو نظام ڊانوانڊول، هيٺانهين وارن علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو. ان سلسلي ۾  خيبرپخونخوا ۾ تيز برساتن سبب نوَ ڄڻا فوت ۽ ست ماڻهو زخمي ٿي پيا. پي ڊي ايم اي طرفان صوبي ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب ٿيل نقصانن جي حوالي سان انگ اکر جاري ڪيا ويا آهن. پي ڊي ايم اي موجب، صوبي ۾ تيز برساتن جي نتيجي ۾ ٿيل حادثن ۾ نوَ ڄڻا فوت ۽ ست ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. پي ڊي ايم اي جو چوڻ آهي ته ٻوڏ ۽ برساتن سبب ست گهر تباهه ٿيا جڏهن ته 67 گهرن جي جزوي نقصان پهتو آهي، چترال لوئر ۾ ٻوڏ سبب 39 ۽ اَپر چترال ۾ 19 گهرن کي جزوي نقصان پهتو آهي. رليف کاتي جي سيڪريٽري موجب، برساتن ۽ ٻوڏ سبب متاثرضلعن لاءِ ڇهه ڪروڙ رُپيا جاري ڪيا ويا آهن، اپر ۽ لوئر چترال لاءِ ٻه، ٻه ڪروڙ رُپيا جاري ڪيا ويا آهن. انکانسواءِ بنو ۽ شانگلا لاءِ هڪ، هڪ ڪروڙ رُپيا جاري ڪيا ويا آهن. ٻئي پاسي رليف کاتي جي ترجمان طرفان ٻڌايو ويو آهي ته اپر چترال جي متاثر خاندانن کي امدادي سامان فراهم ڪيو ويو آهي ۽ لوئر چترال جي حساس علائقن جي آبادي کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو آهي. هوڏانهن ضلعي انتظاميا دير لوئر روڊ کي ٽريفڪ لاءِ ڪليئر ڪري ڇڏيو آهي. هوڏانهن ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ برسات سبب موسم ۾بهتري اچي وئي،  ملير جي مختلف علائقن ۾ برسات سبب  بجلي جو نظام درهم برهم ٿي ويو ، جڏهن ته برسات سبب ڪوهستان جي جابلو علائقن مان نديون وهي آيون، جنهن سبب ڊيمن جي ڀرجڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو. ٻئي طرف عمرڪوٽ، ميرپور خاص، مٺي، ڏيئي، بودر فارم، جاتي، ڪڍڻ، ڦل، پٿورو، ڇور، نوان جتوئي، ڄام صاحب، دوڙ، دريا خان مري، سٺ ميل گپچاڻي، ڪنڊيارو، منهڙو، سرهاري، بوزدار وڏا، قاضي احمد، کپرو، مقصودو رند، نئون آباد، شهدادپور، سڪرنڊ، شاهپورچاڪر، ڪنب، ھالاڻي ۽ ڀرپاسي بھلاڻي، مزراپور، کيانتو مھيسر، ڍوڍا، ٺري ميرواهه، گمبٽ، فيض گنج، لاکا روڊ، کڏڙو  ۽ ٻين شهرن ۽ ڀرپاسي ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات سبب مواصلاتي نظام درهم برهم ٿي ويو، هيٺانهين وارن علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو، فصلن کي ڪاپاري ڌڪ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي، بجلي جو نظام ڊانوانڊول ٿي ويو. هوڏانهن حيدرآباد جي شهري علائقن ۾ پوندڙ 43 ملي ميٽرن کان وڌيڪ برسات انتظاميا جي پت وائکي ڪري ڇڏي. برسات جي پهرين ڦڙي پوندي ئي حيدرآباد ريجن جا 186 فيڊر سيفٽي جي بنياد تي بند ڪيا ويا جن ۾ 45 فيڊر حيدرآباد شهر جا به شامل هئا.  بجلي بند ٿيڻ سبب حيدرآباد شهر ۾ ڊرينيج جو نظام مفلوج ٿي ويو، جنهن سبب شهر جي روڊ رستن، چوڪن چوراهن، گهٽين ۽ پاڙن ۾ برساتي پاڻي بيهجي ويو جنهن جي ڪري ٽريفڪ جو نظام درهم برهم ٿي ويو ۽ شهرين کي سخت تڪليف جو منهن ڏسڻو پيو. ٻئي طرف نبي سرروڊ ويجهو برسات دوران کنوڻ ڪرڻ جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا سخت  زخمي ٿي پيا. هوڏانهن جهڏي لڳ نجما شگر مل وٽ ڳوٺ غفار قائم خاني ۾ 6 ٻارن جي ماءُ حاملا عورت مسمات ڏاهي زال ابراهيم ماڇي گهر جي اڱڻ تي ماني پچائي رهي هئي ته اوچتو مٿان کنوڻ ڪري پئي جنهن سبب عورت موقعي تي ئي فوت ٿي وئي، ٻئي طرف چيلھار ۾ تيز طوفاني برسات تباھي ڪري ڇڏي. وڄ ڪرڻ سبب پورھيت جون 18 ٻڪريون مري ويون. هوڏانهن  ٺٽو، مڪلي، گلاب لغاري، گولاڙچي، ڪڙيو گهنور، ڍورو نارو، سنڌڙي، نيو ڇور، ڪوٽ غلام محمد، ملڪاڻي شريف، ملڪاڻي شريف ، سيراڻي، جهوڪ شريف، ٽنڊو باگو ٻين شهرن ۽ ڀرپاسي ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات سبب مواصلاتي نظام درهم برهم ٿي ويو، هيٺانهين وارن علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو، فصلن کي ڪاپاري ڌڪ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي، بجلي جو نظام ڊانوانڊول ٿي ويو. ٻئي طرف بدين ضلعي ۾ اڄ پنجين ڏينهن به برساتن جو سلسلو جاري مختلف پاڙن ۾ پاڻي بيھي ويو ۽ ساحلي پٽي جي ڪيترن ئي ڳوٺن سان زميني رابطو ڪٽجي ويو. هوڏانهن سيوهڻ، ميھڙ ۾ گرڊ اسٽيشن جا 10 فيڊر ٽرپ ٿيڻ ڪري بجلي بند ٿي وئي،  قمبر، شھدادڪوٽ، قبو سعيد خان، ڪچي پل، باڊهه، سيهڙ، سجاول جوڻيجو، ھالا، اڏيرو لال اسٽيشن، ٽنڊو محمد خان، بڪيرا شريف، ڪي اين شاهه ٻين شهرن ۽ ڀرپاسي ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات سبب مواصلاتي نظام درهم برهم ٿي ويو، هيٺانهين وارن علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو، فصلن کي ڪاپاري ڌڪ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي، بجلي جو نظام ڊانوانڊول ٿي ويو.