سنڌ سرڪار اسٽريٽ ڪرائيم روڪڻ ۾ ناڪام: ڪچي ۾ ڌاڙيلن جي خاتمي لاءِ ڪابه اڳڀرائي نه ٿي آهي: وڏو وزير

0
97

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار ڪچي ۾ ڌاڙيلن جي خاتمي لاءِ ڪابه اڳڀرائي نه ٿيڻ ۽ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ اسٽريٽ ڪرائيم وڌڻ جو اعتراف ڪري ورتو نگران وزيراعليٰ جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر چيو آهي ته سکر ۽ لاڙڪاڻي ۾ دريائي علائقن ۾ ڌاڙيلن جي خاتمي لاءِ ڪابه اڳڀرائي نه ٿي آهي. وڏي وزير جي صدارت هيٺ امن امان بابت اجلاس ٿيو جنهن ۾ گهرو وزير برگيڊيئر (ر) حارث نواز، چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر فخر عالم، گهرو سيڪريٽري اقبال ميمڻ، آءِ جي پوليس رفعت مختار، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي خادم رند، ڪمشنر ڪراچي سليم راجپوت، ڊي آءِ جي اسپيشل برانچ، سي ٽي ڊي، سائوٿ، ايسٽ ۽ ويسٽ شرڪت ڪئي جڏهن ته حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، ميرپورخاص ۽ شهيد بينظير آباد جا ڪمشنر ۽ ڊي آءِ جيز وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي

ان موقعي تي ڳالهائيندي سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر چيو ته چاهيان ٿو ته ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم جي شرح ٻُڙي تائين آڻڻ لاءِ پوليس مناسب قدم کڻي ته جيئن شهر جو هر ماڻهو پاڻ کي محفوظ تصور ڪري. هن چيو ته پوليس جو بنيادي ڪم شهرين جي جان ۽ مال جو تحفظ ڪرڻ آهي. جسٽس باقر آءِ جي پوليس کي اها پڻ هدايت ڪئي ته کاتي ۾ ڪارين رڍن کي پڪڙيو وڃي جيڪي عام طور پوليس ۽ خاص ڪري صوبائي حڪومت جي نالي کي بدنام ڪن پيا. آءِ جي پوليس رفعت مختار وڏي وزير کي صوبي ۾ امن امان جي مجموعي صورتحال تي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته 2023ع ۾ 1660 ماڻهن کي قتل، 232 اغوا ۽ ڀتا خوري جا 155 واقعا رپورٽ ٿيا. هن وڌيڪ چيو ته اغوا جي 229 ڪيسن مان 44 جو تعلق ڪراچي، 3 جو حيدرآباد، هڪ شهيد بينظير آباد، 45 جو سکر ۽ 136 جو لاڙڪاڻي سان تعلق آهي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته دهشتگردي تي ضابطو آندو ويو آهي ۽ اڪثر قتل ذاتي دشمني سبب ٿيا آهن. آءِ جي جو چوڻ هو ته حڪمت عملي ۽ ٽارگيٽيڊ آپريشنز سبب ڀنگ عيوض اغوا ۽ اسٽريٽ ڪرائيم جي واقعن تي ڌيان ڏيڻ تي 90 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي. ڪراچي ۾ ڏوهن ۾ واڌ بابت آءِ جي رفعت مختار چيو ته پرڏيهي شهرين جي واپسي تي ڪراچي پوليس جي ڌيان سبب اسمگلنگ خلاف مهم، بجلي چوري خلاف مهم ۽ اسٽريٽ ڪرائم ۾ اضافو ٿيو آهي

پوليس جي ڪارڪردگيءَ جي حوالي سان آءِ جي پوليس چيو ته سڄي سنڌ ۾ 1831 مقابلا ڪيا ويا، جن ۾ 1080 گينگز کي بي نقاب ڪيو ويو ۽ 11262 دهشتگردن/ ڌاڙيلن کي گرفتار ڪيو ويو. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته رينجرز جي مدد سان هني ٽريپنگ خلاف موثر ٽارگيٽيڊ آپريشن جاري آهي. وڏي وزير چيو ته شهر جي عوام کي سرعام ڦريو پيو وڃي ۽ هو پاڻ کي محفوظ نه ٿا سمجهن جيڪا ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي. هن ايڊيشنل آءِ جي کي هدايت ڪئي ته چاهيان ٿو ته توهان پوليس کي وڌيڪ متحرڪ ڪريو ته جيئن اسٽريٽ ڪرائم جي واقعن کي گهٽائي آڻي سگهجي. وڏي وزير چيو ته هتي منشيات پيدا نه هجڻ باوجود سمگلر شهر ۾ سمگل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهن. نگران وڏي وزير ڪراچي پوليس کي هدايت ڪئي ته سمگلرز ۽ ڊرگ مافيا جي وڏن ڊيلرن کي گرفتار ڪيو وڃي جنهن لاءِ هن واضح هدايتون پڻ ڏنيون آهن. ڊي آءِ جي حيدرآباد طارق ڌاريجو وڏي وزير کي وڊيو لنڪ ذريعي ٻڌايو ته حيدرآباد ڊويزن ۾ 36 منصوبن تي لڳ ڀڳ 300 چائنيز ماڻهو ڪم ڪري رهيا آهن جنهن جي سيڪيورٽي لاءِ ايس پي يو، رينجرز ۽ فوج جي سهڪار سان 1818 سيڪيورٽي اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن جڏهن ته سندن چائنيز سڪيورٽي پڻ مقرر آهي

وڏي وزير ڊي آءِ جي سکر ۽ لاڙڪاڻو کي هدايت ڪئي ته هو ڌاڙيلن خلاف ڪارروائي تي ڌيان ڏين. ڊي آئي جي چيو ته اسان اڃا تائين انهن کي ختم نه ڪيو آهي ۽ اسان انتظار ۾ آهيون ته درياهه ۾ پاڻي جي سطح هيٺ اچي ته ڪارروائي شروع ڪجي. ڊي آءِ جي ميرپورخاص تنوير عالم اوڍو وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي چيو ته سندس ڊويزن ۾ ڏوهن جي شرح ٻين ڊويزنن جي ڀيٽ ۾ گهٽ آهي. وڏي وزير ڊي آءِ جي کي هدايت ڪئي ته ڊرگ مافيا خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي جيڪو سندس سموري پوليس فورس لاءِ اسٽينڊنگ آرڊر آهي. هن شهيد بينظير آباد پوليس کي پڻ ساڳيون هدايتون جاري ڪيون