اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اقتصادي رابطا ڪاميٽي سنڌ حڪومت جي رهتن جي ادائگي لاءِ 12.1 هڪ ارب رپين جي گرانٽ منظور ڪري ورتي، سرڪاري ملازمن لاءِ ڪنٽريبيوٽري پينشن اسڪيم به منظور ڪئي وئي، ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ اقتصادي رابطا ڪاميٽي جي اجلاس ۾ پينشن فنڊ قائم ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي، اي سي سي پاران جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب پهرين جولاءِ 2024 کان سرڪاري ملازمن لاءِ ڪنٽريبيوٽري پينشن اسڪيم جي منظوري ڏني وئي آهي، هٿياربند فوج لاءِ ڪنٽريبيوٽري پينشن اسڪيم پهرين جولاءِ 2025 کان لاڳو ٿيندي، ستين آدمشماري جي رهتن جي ادائگي لاءِ رٿابندي وزارت کي 7 ارب 98 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جي گرانٽ ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي، يونيورسل سروس فنڊ کي 11 ارب کان وڌيڪ جا فنڊ واپس ۽ ريلوي وزارت جي التويٰ هيٺ رهتن لاءِ 2 ارب رپين جي گرانٽ به منظور ڪئي وئي.