سنڌ سرڪار جو هڪ ٻيو ڪارنامو: هڪ ئي ڪاموري تي نوازش!

0
484
سنڌ سرڪار جو هڪ ٻيو ڪارنامو
سنڌ سرڪار جو هڪ ٻيو ڪارنامو: هڪ ئي ڪاموري تي نوازش!

ڪراچي: سنڌ حڪومت جو هڪ ٻيو ڪارنامو منطر عام تي اچي ويو آهي

زراعت کاتي ۾ 20هين گريڊ جي ڪاموري لاءِ قائم ڪيل ڊي جي مانيٽرنگ ۽ اڪائونٽس واري پوسٽ جا 6 سالن کان رولز نه ٺهي سگهيا

زراعت کاتي جو ٽيڪنيڪل آفيسر امداد ميمڻ 20هين گريڊ جي انتظامي پوسٽ تي 6 سالن کان ويٺل آهي

6 سال اڳ سنڌ سرڪار امداد ميمڻ تي نوازش ڪندي ڊي جي مانيٽرنگ ۽ اڪائونٽس جي پوسٽ قائم ڪئي هئي

ڊي جي مانيٽرنگ ۽ اڪائونٽس جي پوسٽ قائم ٿيڻ کان وٺي هن وقت تائين ساڳيو آفيسر مقرر ٿيل آهي

سروسز کاتي جي اختيارين پاران سنڌ سرڪار جي آشيرواد سان ويٺل ڪاموري کي بچائڻ لاءِ اڃا تائين رولز نه ٺاهيا ويا

ذريعن موجب ٽريڪٽر اسڪيم سميت پينشن معاملي ۾ زراعت کاتي جو ڊي جر امداد ميمڻ سنگين الزامن هيٺ آيل آهي

ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته زراعت کاتي ۾ سڄي سنڌ جا مالي معاملا امداد ميمڻ هلائي ٿو