اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سنڌ جِي ٻن وڏين يونيورسٽيز جا وي سي به نيب جَي ريڊار تي اچي ويا، نيب ايگزيڪيوٽو بورڊ سنڌ يونيورسٽي جَي وي سي ڊاڪٽر صديق ڪلهوڙو ۽ مهراڻ يونيورسٽي جَي وي سي ڊاڪٽر اسلم عقيلي خلاف جاچ جِي منظوري ڏئي ڇڏي، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي چيئرمين نور محمد جادماڻي، ڪميشن جَي ميمبر اعجاز علي دراني ۽ ٻين خلاف انڪوائري جِي منظوري ڏني وئي، نيب جَي ايگزيڪيوٽو بورڊ جَي اجلاس ۾ اڳوڻي سيڪريٽري لينڊ يوٽيلائيزيشن غلام مصطفيٰ ڦُل خلاف ريفرنس ۽ جاچ جِي منظوري ڏني وئي، اسٽيل ملز جَي اڳوڻي چيئرمين معين آفتاب خلاف سَپليمينٽري ريفرنس داخل ڪرڻ جِي به منظوري ڏني وئي، اڳوڻي ڊائريڪٽر اسڪولز ڪراچي عبدالوهاب عباسي، اڳوڻي چيف ڪمشنر حيدرآباد محمد علي ساند، بورڊ آف روينيو ڪراچي جَي اڳوڻي عملدار گل محمد جکراڻي ۽ ممتاز الرحمان خلاف به انڪوائري جِي منظوري ڏني وئي. نيب جي اجلاس ۾بدعنواني، اختيارن جي غلط استعمال سوڌو ٻين الزامن تحت جوابدارن خلاف 4 ريفرنسز، 5 انويسٽيگيشنز ۽ 12 انڪوائريز جي منظوري ڏني وئي جنهن ۾ ثاقب سومرو ۽ ٻين خلاف به ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري شامل آهي، جوابدارن تي اختيارن جو غلط استعمال ۽ غيرقانوني طور سرڪاري زمين الاٽ ڪري قومي خزاني کي ڏيڍ ارب جو نقصان پهچائڻ جو الزام آهي ، اڳوڻي سيڪريٽري لينڊ يوٽيلائيزيشن غلام مصطفيٰ ڦُل تي اختيارن جو غلط استعمال، ملير ضلعي ۾ غيرقانوني طور زمين الاٽ ڪرڻ ۽ قومي خزاني کي 12 ارب جو نقصان پهچائڻ جو الزام آهي. اڳوڻي چيئرمين اسٽيل ملز معين آفتاب شيخ تي اختيارن جو ناجائز استعمال ڪرڻ، بدعنواني ۽ قومي خزاني کي 434ملين رپين جو نقصان پهچائڻ جو الزام آهي.