سنڌ سان سرطان واري ڪار ڪندڙ سرڪار

0
136
سنڌ سان سرطان واري ڪار ڪندڙ سرڪار

 جيڪو حڪمران اچي ٿو، اهو سنڌ سان سرطان واري ڪار ڪري ٿو. سنڌ کي جتي حڪمرانن ڀيليو آھي، اُتي قدرتي آفتن به گهٽتائي ناهي ڪئي. پروڪي ٻوڏ ۾ ٻُڏي وڃڻ کان پوءِ بُک ۽ بدحاليءَ وارين حالتن ۾ مري ماڻهن مس وڃي سُک جو ساھ کنيو هو ته مٿان رهي سهي طوفان پُوري ڪري ڇڏي آهي. پَر سال سنڌ جي سيني تي بيٺل رُڳو فصل ئي نه ٻُڏا ھُئا پر ڪروڙين ماڻهن جا لکين خواب به ٻُڏي ويا هُئا. اُھي خواب، جن ۾ سائي ستابي سنڌ هُئي. اُھا سنڌ گڊگورننس جي ڏُڪار ۽ قدرتي آفتن جي زد ۾ اچي صفا ساڻي ٿي پئي آھي. اُن سنڌ کي تازي طوفان بپر جواءِ سِڌو سنئون نشانو بڻائي تباهي آندي آهي. اڃان به ماڻهن جو ساھُ مُٺ ۾ آھي، ڇو ته اهي هاڻي بدانتظاميءَ جي طوفان کان خوفزده آهن. هڪڙي غير يقينيءَ واري صورتحال کي مُنهن ڏيئي رهيا آھن، ڇو ته انهن 1999ع واري تباهي اکين سان ڏٺي هُئي. اُن طوفان ساحلي پَٽيءَ جا لاھ ڪڍي ڇڏيا هُئا. قدرتي آفتون سدائين لاءِ ناهن هونديون. اهي چند ڏينهن ڏُکن وارا يقينن گُذري ويندا. انهن آفتن جو ٻُڌي ڪڏھن به مايوس نه ٿيو. هن مصيبت جي گهڙيءَ ۾ مايوس ٿيڻ بدران پنهنجو پاڻ کي مضبوط بڻايو ۽ پنهنجي مدد پاڻ تحت آس پاس وارن جي به سهائتا ڪريو. حُڪومت جي آسري ويهي وڏي نقصان کائڻ کان سُٺو آھي پنهنجو پاڻ ۾ اعتماد پيدا ڪريو.

سنڌ اڄُ سَنڌ سَنڌ مان ٽُٽي چُڪي آھي. هن ٽُٽل سنڌ کي ڪير آٿت ڏيندو؟ ڪير اُن جي ڳلن تان ڳوڙھا اُگهڻ جي ٿوري زحمت ڪندو؟ اُھي ڳوڙھا جيڪي هر روز ڏُکن ۾ سُڏڪندي ڳڙيا آھن. سنڌ کي رڳو سامونڊي طوفان ئي ناهي ٻوڙيو، اڄُ سنڌ پنهنجن جي ئي لاتعلقيءَ واري مها ساگر ۾ لُڙهندي وڃي، جن جو ڪو اَنت ناهي. انهن ڄاتل عذابن جو الئه ڪڏھن ڇيهه ٿيندو؟ الئه ڪڏھن اهو سڀاڳو ڏينهن سنڌ ۾ اُڀرندو، جڏھن سنڌ ڪو سُک جو ساھ کڻندي. هن وقت ته هر طرف رڳو برباديءَ ئي بربادي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. سنڌ جو انفرا اسٽرڪچر تمام گهڻو تباھ ٿيل آھي. ٻهراڙين ۾ نه روڊ، نه رستا، نه بجلي، نه پاڻي، نه گئس نه ئي تعليم، نه روزگار. مجبُور مائرون پنهنجن مغوي صغير ٻچڙن جي بازيابيءَ لاءِ رات ڏينهن رڙيون ڪري رهيون آھن. بيروزگار نوجوان هٿن ۾ ڊگريون کڻي در در جا ڌڪا کائڻ کان پوءِ به نوڪريون نه ملڻ ڪري خودڪشيون ڪري رهيا آھن. بيمار ماڻهو سرڪاري اسپتالن جي بدبودار ڪمرن ۾ بنان ڪنهن دوا ملڻ جي ڪنجهي ڪنجهي مري رهيا آھن. بُک ۽ بدحاليءَ جي اها حالت آھي جو ماڻهو پنهنجا ٻچا وڪرو ڪرڻ تي مجبور آھن. ڪرپشن جي اڏوهي سنڌ کي ڪينسر وانگي وڪوڙي ويئي آھي. ايتري قدر جو ڊرگ انسپيڪٽر ميڊيڪل اسٽورن تان منٿليون وٺن ٿا ۽ اسٽور وارن کي اجازت ڏيئي ڇڏين ٿا ته دوائن جي نالي تي جيڪو وڻي، سو وڪرو ڪريو، پنهنجا مرضيءَ جا اگهه مقرر ڪريو. اٽي جي چڪين وارا پنهنجي علائقي جي انتظاميا جي مُٺ گرم ڪري عوام کي ٻنهي هٿن سان لُٽي رهيا آھن. منشيات فروش ٻانهون لوڏي پيا هلن. ڇاڪاڻ ته اهي به هر مهيني پنهنجي تر جي ايس ايڇ او کي مخصوص ‘مٺائي’ رسائي ڏين ٿا. تيل ڪُجهه سستو ٿيڻ باوجود ٽرانسپورٽر پنهنجي ساڳي من مستي قائم رکيو اچن. عوام کي ٽڪي جو رليف ناهي. سنڌ ۾ جيتري تباهي آھي، ايتري شايد ئي ڪٿي هجي. هتي حُڪومت نالي ڪا شيءِ ڏسڻ ۾ نٿي اچي. ڏوهارين کي کُلي ڇُوٽ ڏنل آھي، جو جيئن وڻي، تيئن ڪن. ڪير ڪُڇڻ ۽ پُڇڻ وارو ناهي. ائين لڳي ٿو ڄڻ ڏھين صديءَ ۾ زندگي گُذاري رهيا آھيون. مهانگائيءَ جو ماريل عوام صحت جي سهولتن کان به محروم آھي. سنڌ جي ٻهراڙين ۾ ته هُونئن ڀينگ لڳي پئي آھي، پر شهرن ۾ به صحت جي سهولت نالي ماتر آھي. سرڪاري اسپتالن ۾ نه صفائي آھي، نه دوائون آھن. مريضن سان ڊاڪٽرن جو رويو صوبيدارن وارو آھي. ٻهراڙين ۾ اسڪولن کان وٺي اسپتالون وڏيرن جُون اوطاقون بڻيل آھن. تعليم جي اها صورتحال آھي جو سنڌ جي هڪڙي وڏي ضلعي ٿرپارڪر جو ڊسٽرڪٽ ايجيوڪيشن آفيسر هڪڙي عوامي ميڙ ۾ اهو چوي ٿو ته هتي جا نوي سيڪڙو ماستر گوسڙو آھن. اها ڳالهه آن دي رڪارڊ آھي. ان مان توهان اندازو لڳايو ته سنڌ جي تعليمي صورتحال ڇا آهي؟ پرائيويٽ سيڪٽر رڳو ڪاروبار بڻيل آھي. جتي شاگردن کي معياري تعليم ڏيڻ کان وڌيڪ رڳو ڏيکاءُ تي ڌيان ڏنو وڃي ٿو. هر نجي ادارو ٻئي نجي اداري کان گوءِ کڻڻ جي چڪر ۾ رڳو ڏيکاءُ وارين سرگرمين تي ڌيان ڏئي ٿو، نتيجي ۾ شاگرد ڳريون فيون ڀري به ڪُجهه پرائي نٿا سگهن. رٽايل طوطا بڻجي واپس نڪرن ٿا، جن وٽ ڪابه اهليت ناهي هوندي.

گُڊ گورننس جي ڏُڪار کان وٺي برساتن جي ڪيل ڀينگ تائين، ڌاڙيلن هٿان تذليل جو شڪار ٿيندڙ معصوم ٻارن کان وٺي ڪارو ڪاريءَ واري ڪُڌي رسم تائين نه ڄاڻ ته ڪيترا اڻ کُٽ عذاب آھن، جن سنڌ کي ڀوڳي رهي آھي. ٻوڏ مان مس آجي ٿي اُٿيل سنڌ جو هن وقت پاڻي بند ڪيو پيو وڃي. پاڻي ته جڳ جو جياپو هُوندو آھي، اُھو پاڻي پيئڻ لاءِ به نٿو ملي. سنڌ کي سِمن جي ڪِني پاڻيءَ ۾ ٻوڙي مارڻ وارا حُڪمران هن وقت ڳوليا به نٿا لڀن، جن هٿرادو ڪَٽ هڻي سنڌ کي ٻوڙيو هو. سنڌ ٻُڏي ويئي، نتيجي ۾ مُلڪ جي معيشت ٻُڏي ويئي. سنڌ سموري ديس جي پالڻهار آھي. سنڌ کي ٻوڙي سڄي ديس کي بُک ماريو ويو. ڪڻڪ لهڻ کان اڳ ڪَڻڪ جو اگهه وڌائي مسڪين ماڻهن جي وات مان مانيءَ جو گرھ کسي ملز مالڪن جا ڀڀ ڀرڻ وارن حُڪمرانن کان سنڌ فقط ايترو پڇي ٿي ته هُن جو ڏوھ ڪھڙو آھي، جو سدائين ان جو استحصال ڪريو ٿا. سنڌ ۾ ڌارين جي لوڌ به هاڻي نڙيءَ ۾ ٿوهر ڪنڊي وانگي اٽڪي پيئي آھي. سنڌ جي وسيلن تي قابض ٿيندڙ ڌاريا ماڻهو مستقبل قريب ۾ سنڌ جي ماڻهن جي ڳچيءَ ۾ ڦاهيءَ جي ڦندي وانگي سوڙھا پئجي ويندا. سنڌ حُڪومت پنهنجي سياسي فائدي لاءِ ست ڪروڙ سنڌين جي مستقبل کي داءُ تي لڳائي لکين افغانين کي سُڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪيا آھن، جيڪو انتهائي ڳڻتي جوڳو عمل آھي. سنڌ اهو ڪونه ٿي چئي ته کيس کير جُون نديون وهائي ڏيو، پر سنڌ اهو چئي ٿي ته سندس ڪچن گهرن ۾ ٻچن کي سُک ۽ سلامتيءَ سان رهڻ ڏيو. انهن جي صحت، تعليم ۽ روزگار جو بندوبست ڪري ڏيو. انهن جي پيرن هيٺان زمين نه کسيو. انهن جي مُستقبل سان نه کيڏيو. انهن جي وسيلن تي ڌارين کي قابض نه ڪريو.

هالا جي هندورن ۾ لُڏڻ ۽ جهازن ۾ اُڏڻ واري اَپر ڪلاس جي حڪمرانن کي ڪهڙي ڪَل ته مڊل ڪلاس جو ماڻهو ڪيترو لوڙھي ٿو. انهن کي ڪهڙو پتو ته ماڻهو مانيءَ ته گهوريو پر پاڻيءَ لئه به پريشان آهن. زنگر برگر ۽ لارج پيزا سان گڏ ڪوڪ پيئڻ وارن حُڪمرانن کي ڪهڙي خبر ته مسڪين ماڻهو اٽي جي چڪيءَ تي وڃڻ مهل اَٽي کان اڳ پاڻ ڪيترا ڀيرا پيهجيو وڃن ٿا. اُھي ڇا ڄاڻن اُنهن جو درد، جن جا لڱ لُڪن ۾ لُوساٽجي ويا آھن پر نئون ته ڇا پراڻو وڳو به ميسر ناهي. ملن ٿا ته رُڳو پيرن ۾ جُتيءَ بدران ڇالا ۽ هٿن ۾ ماني بدران لڦون. مهانگيون ملٽي وٽامن کائڻ وارن کي ڪهڙي ڪَل ته اُنهن ماڻهن مٿان ڇا گُذري ٿي، جن ماڻهن کي پيٽ جي سُور جي گوري به سولي نٿي ملي سگهي..! انهن کي ڪهڙي خبر ته سيارو ساھ ڪئين نپوڙيندو آھي. برسات کي انجواءِ ڪرڻ وارن کي ڪهڙي ڪَل ته مِينهن ماڻهو ڪئين کائيندو آھي. پنهنجا اباڻا اجها ڇڏي امدادي ڪئمپن ۾ وڃڻ واري عذاب ۾ ماڻهو جيئري ڪيئن مري ٿو. پنهنجا جهوپڙا ڇڏي دربدر ٿيندڙ ماڻهو ئي هن ڏُک کي سمجهي سگهي ٿو. هي اهڙو ڏُک آھي جنهن کي لفظن ۾ بيان ڪري ئي نٿو سگهجي.