عمرڪوٽ: حليم باغي سنڌ واسين لاءِ پيغام ڏيندي چيو ته سنڌ واسيو ڪھڙي سازش آھي؟ جيڪا سنڌ خلاف نه پئي ڪئي وڃي، ھر پاسي کان سنڌ خلاف سازشون جاري آھن، اسان جو نوجوان ۽ باشعور حلقو صحيح گائيڊ لائين نه ھجڻ ڪري موجوده حالتن کي سمجھي ئي نٿو، هن سنڌي نوجوانن کي اپيل ڪئي ته تعليم پرائي حقن لاءِ جدوجهد ڪري سنڌ کي ترقي ڏيارين.