سنڌ حڪومت ۽ آءِ جِي سنڌ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر تڪرار سامهون اچي ويو

0
225
تڪرار سامهون اچي ويو
سنڌ حڪومت ۽ آءِ جِي سنڌ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر تڪرار سامهون اچي ويو

سنڌ حڪومت ۽ آءِ جِي سنڌ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر تڪرار سامهون اچي ويو،

ذريعن دعويٰ ڪندي چيو ته، وڏي وزير جَي پي ايس او فرخ بشير جِي ترقي نه ٿيڻ تي تڪرار پيدا ٿيو، ايس ايس پي فرخ بشير سميت ڪيترن ئي سينيئر آفيسرن جِي ترقي نه ٿي سگهي، وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته فرخ بشير جِي ترقي نه ٿيڻ جو ذميوار آءِ جِي مشتاق مهر آهي.

وڏي وزير چيف سيڪريٽري کي آءِ جِي ڏانهن ناپسنديدگي جَي اظهار جو خط لکڻ جِي هدايت ڪئي پر چيف سيڪريٽري طرفان ڪو خط نه لکيو ويو،

ذريعن موجب سينٽرل سليڪشن بورڊ سنڌ رڳو ٽن آفيسرن جِي ترقي جِي منظوري ڏني آهي جن ۾ مقدس حيدر، عبدالسلام شيخ ۽ حميد کوسو شامل آهن، ترقي نه ٿيندڙ آفيسرن ۾ فرخ شبير، فيصل بشير، اعجاز ۽ ڊاڪٽر فاروق احمد شامل آهن.