سنڌ حڪومت ڪورونا ايس او پيز متعلق نوان حڪم جاري ڪري ڇڏيا

0
156
ڪورونا ايس او پيز متعلق نوان حڪم
سنڌ حڪومت ڪورونا ايس او پيز متعلق نوان حڪم جاري ڪري ڇڏيا

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت ڪورونا ايس او پيز متعلق نوان حڪم جاري ڪري ڇڏيا

گھروکاتي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب انڊور گڏجاڻين توڙي انڊور شادي تقريبن ۾ 500 ماڻهن جي شرڪت جي اجازت هوندي، تقريب ۾ شرڪت ڪندڙ ماڻهن جو ويڪسينيٽيڊ هجڻ ضروري آهي

آئوٽ ڊور گڏجاڻين ۾ به ويڪسينيٽيڊ هجڻ لازمي آهي، ريسٽورنٽ ۽ هوٽلن ۾ به انڊور ۽ آئوٽ ڊور ڊائننگ جي اجازت هوندي، بغير ويڪسينيٽيڊ ماڻهن کي هوٽلن ۽ ريسٽورنٽس ۾ داخل ٿيڻ تي پابندي هوندي

جمز، سينيمائن، درگاهن، پارڪس ۽ اسپورٽس ڪلبس ۾ ويڪسينيٽيڊ ماڻهو داخل ٿي سگھندا، بسن، ريلن ۽ علائقائي پروازن ۾ مسافرن ۾ کاڌي پيتي جون شيون فراهم ڪرڻ تي 28 فيبروري تائين پابندي هوندي، 12 سالن کان گھٽ ۽ 12 سالن کان وڌيڪ عمر جا شاگرد تعليمي ادارن ۾ وڃي سگھندا، اها پابندي به ختم ڪئي وئي آهي، پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ 80 سيڪڙو مسافرن کي سفر جي اجازت ڏني وئي آهي پر ماسڪ پائڻ لازمي هوندو.