سنڌ جَي مختلف علائقن ۾ برسات ۽ مٽي جَي طوفان سبب 8 ڄڻا فوت

0
310

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جَي مختلف علائقن ۾ برسات ۽ مٽي جَي طوفان سبب 8 ڄڻا فوت ٿي ويا،40 کان وڌيڪ زخمي ٿيا، ميھڙ ڀرسان انڊس هاءِ وي گاهي مهيسر باءِ پاس روڊ ڀرسان روشن تارا اسڪول لڳ گلشير ڪولاچي جي گهر مٿان ڀرسان واري جڳهه جو ٽيڪو ڪرڻ سبب سندس 14 سالن جو احمد علي، دلاور پٽ نثار ڪولاچي ۽ 12سالن جو عبدالنبي پٽ بخت علي ڪولاچي دٻجي فوت ٿي ويا، جڏهن ته بخت علي ڪولاچي جي 15 سالن جي نياڻي سخت زخمي ٿي پئي. پني عاقل ۾ ڇت ڪرڻ سبب عورت دٻجي فوت ٿي وئي، 3 زخمي ٿي پيا، ڪنڊيارو ويجهو گهر جي ڀت ڪري پئي، بي ايس سي جو شاگرد عبدالحفيظ ڏيپر فوت ٿي ويو، دريا خان مري ويجهو مدرسي جي ڀت ڪرڻ سبب 2 کٿابي دٻجي ويا، هڪ فوت ٿي ويو، موري ڀرسان طوفاني برسات دوران سولر پليٽ مٿان ڪِرڻ سبب زخمي ٿيل نينگري نصرت چانڊيو اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو.