ڪراچي (رپورٽ: فقير سليم) سنڌ سرڪار پاران ڪراچي ڇڏي پرڳڻي جي 23 ضلعن ۾ سرڪاري ڪالونين ۾ رهندڙ ملازمن جا بجلي بل ڀرڻ کان جواب،  حيسڪو ۽ سيپڪو جي بجلي استعمال ڪندڙ سرڪاري ملازم بجلي جو بل پاڻ ڀريندا،  رات جو 10 ھين وڳي کان صبح جو 6 وڳي پرڳڻي ۾  لوڊشيڊنگ  نه ٿيندي، ان ڏس ۾ ڪالھ  وڏي وزير سيد مراد علي شاھ جي صدارت ھيٺ  اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وڏي وزير توانائي کاتي کي ھدايت ڪئي  ته سنڌ ۾ سرڪاري عمارتن ۽ آفيسن کي سولرائيز ڪيو وڃي ڇاڪاڻ جو آفيسن جو ڪاروھنوار ڏينهن جو ھلي ٿو، سولرائيز ڪرڻ سان بجلي جي کوٽ تي ضابطو ايندو ـ صوبائي وزير ناصر حسين شاھ چيو ته سنڌ ۾ حيسڪو ۽ سيپڪو جي بجلي استعمال ڪندڙ سرڪاري ملازمن جون ڪالونيون پنهنجو بجلي بل پاڻ ادا ڪنديون جيڪا ڪالوني بل ادا نه ڪندي، اسان  انھن جي بجلي ڪاٽينداسين،  وڏي وزير چيو ته ڪي اليڪٽرڪ،  حيسڪو ۽ سيپڪو جون رھتون آگسٽ تائين ادا ڪيون  وڃن، هوڏانهن  صوبائي وزير ناصر شاهه ٽائيم نيوز کي ٻڌايو ته سنڌ جي اڪثر علائقن ۾ جيڪڏهن ڪنهن سرڪاري آفيس جي بجلي آھي ته ڀرپاسي واريون ڪالونيون / گهر انھي مان بجلي استعمال ڪن ٿا ـ اھڙي عمل خلاف ڪراچي ۾ اڳ ۾ ئي ڪارروائي ٿي چڪي آھي باقي حيسڪو ۽ سيپڪو بابت اهڙو فيصلو ڪيو آهي، هن چيو ته  سنڌ ۾ رات جو ڏھين وڳي کان صبح جو 6 وڳي تائين بجلي فراھمي يقيني بڻائي ويندي،  انھي لاء چونڊيل نمائندن جي سربراھي ۾ مانٽيرنگ ڪاميٽيون جوڙينداسين