سنڌ جي 10 رڪني نگران ڪابينا حلف کڻي ورتو

0
321
سنڌ جي 10 رڪني نگران ڪابينا حلف کڻي ورتو
سنڌ جي 10 رڪني نگران ڪابينا حلف کڻي ورتو

سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر جي 10 رڪني ڪابينا حلف کڻي ورتو

نگران ڪابينا ۾ برگيڊيئر رٽائرڊ حارث نواز، مبين جماڻي، يونس ڍاگا ۽ بئرسٽر عمر شامل آهن

ارشد ولي محمد، خدابخش مري، ايشور لال، ڊاڪٽر سعد نياز، مس رعنا حسين ۽ ڊاڪٽر جنيد شاهه جا نالا به نگران ڪابينا ۾ شامل آهن

حارث نواز کي گهرو کاتو ۽ مس رعنا حسين کي تعليم کاتي جا قلمدان ملڻ جا امڪان آهن

ذريعن موجب ڊاڪٽر سعد نياز کي صحت کاتي جو قلمدان ملي سگهي ٿو

گورنر هائوس ۾ تقريب دوران گورنر ڪامران ٽسوري ڪابينا ميمبرز کي حلف کڻايو