سنڌ جي ‘وڏي’ جي سالگره

0
362
سنڌ جي ‘وڏي’ جي سالگره

  هن جنم ته ان شهر ۾ ورتو هو، جنهن شهر کي سنڌ رتيديري طور سڃاڻي. جنهن شهر لاءِ سنڌي عورتون اڄ به سهرن ۾ چونديون آهن: “واھ!  واھ! رتي جون ماڙيون! واھ واھ رتوديرو” پر هن سياسي واٽ رتي جي ماڙين بدران سن جي اڙانگن پنڌن جي ورتي، جتي رڳو ڏک ئي ڏک هئا، رڳو جيل هئا، تشدد هو، تڪليفون هيون. ان پنڌ تي ڪابه سُکن جي سيج نه هئي،  بغاوتن جون تعزيرون ۽ آزمائشون هيون. هو انهن پنڌن تي پوري زندگي هليو، ان پنڌ سان هن ساھ جي آخري گهڙي تائين وفا ڪئي، هڪ لمحي لا به هن اڙانگي ۽ انتهائي مشڪل راه تان نه ٿڙيو، نه ٿاٻڙيو ۽ نه هن ڪڏهن پوئتي نهاريو ته مون کي ڇا مليو ۽ مون ڇا وڃايو. اهو ئي سبب آهي جو سنڌ اڄ کيس “وڏي” جي نالي سان ياد ٿي ڪري.

                 آئون هڪ سياسي ڪارڪن رهيو آهيان. مون کي فخر آهي ته مون پنهنجي زندگي جا انتهائي حسين ڏينهن بشير خان قريشي جهڙي سنڌ جي عاشق ۽ ارڏي پٽ سان گڏ گذاريا. آئون هن وقت ڀلي ڪٿي به هجان، پر منهنجي زندگي جا خوبصورت ڏينهن اهي هئا، جيڪي بشير خان قريشي سان گڏ، سندس اڳواڻي ۾ سنڌ جا شهر، ڳوٺ، روڊ، رستا، ٿر، ڪاڇا، ڪوهستان جھاڳيندي گذاريا. اڄ سندس سالگره آهي. سنڌ جي عظيم سپوت “وڏي” جو جنم ڏينهن آهي. آئون ماضي ۾ جهاتي پايان ٿو ته سچ منهنجي آڏو اهي سڀ منظر اکين آڏو تري اچن ٿا، جيڪي سنڌ جي آجپي ۽ سنڌ جي بقا لاءِ جدوجهدون ڪندي گذريا. اهي واقعا، اهي پنڌ، جيل، گرفتاريون، تشدد، اهڙا واقعا، اهڙا منظر جيڪي هونئن صرف ڪتابن ۾ پڙهي سگهجن ٿا يا فلمن ۾ ڏسي سگهجن ٿا، جيڪي اسان جي اکين آڏو گذريا.بشير خان قريشي جتي بي انتها بهادر ۽ بي ڊپو انسان هو، ته اتي هو انتهائي اورچ ماڻهو به هو. سنڌ جي هڪ ڪنڊ کان پنڌ ڪري اڃان سنڌ جي ٻئي ڪنڊ تي پهچبو مس هو ته اگر کيس خبر پئي ته فلاڻي علائقي ۾ ڪو واقعو ٿيو آهي ته ان وقت چوندو هو، “هلو اوڏانهن ٿا هلون.” ٿڪاوٽ ته هن جي زندگي ۾ هئي ئي ڪانه، نه اهو سوچيندو هو ته هن ڪم سان سندس تعريف ٿئي ٿي يا گلا، هو گلا يا تعريف کان ڪوهين ڏور رهندو هو. سنڌ جا ماڻهو ڇا ٿا چون، اخبارون ڇا ٿيون ڇاپين، شاعر، اديب، دانشور هن بابت ڪهڙي راءِ ٿا رکن، سندس تعريف ٿا ڪن يا مٿن تنقيد جا تير ٿا وسائين، وڏو انهن خفن کان صفا بي نياز انسان هو.

بشير خان قريشي سنڌ جو واحد قومپرست اڳواڻ هو، جيڪو گهڻ طرفين خوبين جو مالڪ هو. جڏهن کيس ليڊر جو ڪردار ادا ڪرڻو هوندو هو ته هزارين ماڻهن جا قافلا وٺي سنڌ جي تتل روڊن تي خود پنڌ نڪري پوندو هو، جڏهن هو سنڌ ۾ قبيلائي جهيڙن جا قهر ڏسندو هو ته خود جهولي جهلي برادرين وٽ ٺاھ لاءِ پهچي ويندو هو. جڏهن سندس ڪارڪنن تي ڏکيو وقت ايندو هو ته هڪ شفيق پيءُ، شفيق ڀاءُ ۽ شفيق دوست بڻجي اهڙي ته مالڪي ڪندو هو، جو ڪارڪنن کي پنهنجا ڏک، تڪليفون ۽ مشڪلاتون وسري وينديون هيون. مون کي ياد آهي نواب اڪبر خان بگٽي جي شهادت بعد هڙتال دوران حيدرآباد ۾ ٻين ڪارڪنن سميت آئون به گرفتار ٿي سينٽرل جيل ويس ته پاڻ نه رڳو ملاقات تي آيو پر کوڙ همٿون به ڏئي ويو. بشير خان قريشي ڪڏهن به پنهنجي ذاتي سک ۽ خوشي لاءِ نه سوچيو. اگر عيد جي ڏينهن به کيس ڪو اطلاع ملندو هو ته هو پنهنجي اولاد سان عيد ملڻ يا عيد ملهائڻ بدران سنڌ جي ماڻهن سان ٿيل ناانصافي تي نڪري پوندو هو. مون ياد آهي ته جڏهن چڪ ۾ هندو نوجوانن کي قتل ڪرڻ وارو واقعو ٿيو، عيد جو ڏينهن هو، بشير خان قريشي پنهنجي ٻچن سان عيد ملهائڻ بدران اسان سڀني کي چڪ پهچڻ جو چيو ۽ پاڻ سڀني کان پهرين اتي پهتو هو. بشير خان قريشي اهو واحد اڳواڻ هو، جيڪو پنهنجي ڪارڪنن کي قرباني جو ٻڪرو بڻائڻ بدران، جڏهن به مشڪل وقت ايندو هو، آزمائشن جي گهڙي ايندي هئي، ته سڀ کان پهرين پنهنجو سينو ڏيندو هو. هن جي سڄي زندگي جو جائزو وٺبو ته رڳو جيل هئا، رڳو پنڌ هئا، رڳو جدوجهدون هيون، سک ته ڪٿي به نظر نه ايندو. سائين جي ايم سيد جو سياسي سفر يا سياسي واٽ ڪا آسان واٽ ڪانه هئي، ان تي هلڻ جو مطلب 24 ئي ڪلاڪ جان جوکي ۾ وجهڻ هئي. آئون ڪنهن تي الزام ڪونه ٿو هڻان، پر ڪيئي وڏا نالا يا ته ماٺ ڪري ويهي رهيا يا وري الڳ رستا وٺي هلڻ لڳا. سنڌ جي هن ارڏي پٽ جنهن ڏينهن ان واٽ تي پير رکيا، ساهه جي آخري گهڙيءَ تائين ان تي قائم رهيو. ڀلي هن وڏا ڪتاب نه لکيا، شاعريون نه ڪيون، پر هن جو هر عمل، هر جدوجهد، ڪنهن ڪتاب کان گهٽ نه هو. هن جيڪي ڏينهن جيلن ۾ گذاريا، جيڪي تشدد برداشت ڪيا، جيڪي آزمائشوں برداشت ڪيون، اهو هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه هئي.

هو عالمي سطح جي وطن دوست ۽ آزادي پسند اڳواڻن جي سطح جو اڳواڻ هو. سن بشير خان قريشي جو قبلو هو. هن وري ڪنهن ٻئي قبلي ڏي منهن ڪري به ڪونه ڏٺو. ڪراچي جا ڳوٺ ڊهندا هجن يا سنڌ ۾ ڪنهن هندو سان ناانصافي ٿئي، سنڌ جي ڪنهن عورت کي ڪاري ڪري قتل ڪيو وڃي يا ڪٿي آبادگارن جو احتجاج هجي، رات هجي يا ڏينھن، وسندڙ مينهن هجي يا جهولا، هو نڪري پوندو هو، خاص ڪري سنڌ جي شهرن جي مالڪي ۾ ته زندگي داءَ تي لڳائي به اڳيان ايندو هو. اڄ ڀلي ڪو ڇا به چوي، پر سنڌ جا شهر هاڻي ٻيهر سنڌين حوالي ٿيا آهن ته ان ۾ وڏو ۽ اهم ڪردار بشير خان قريشي جو هو. ڪراچي ۾ ته جيڪا بشير خان قريشي سنڌين جي مالڪي ڪئي، اهو ڪنهن تاريخي ڪم کان گهٽ ناهي. بشير خان قريشي پنهنجي سياسي مخالفن کي به ڏکئي وقت ۾ اڪيلو نه ڇڏيندو هو. سڀ اختلاف هڪڙي پاسي رکي سندن ڀرجهلو ٿي بيهندو هو. پ پ پ هميشه بشير خان قريشي متان عتاب بڻيل رهي، پر جڏهن پ پ پ ايم پي اي سسئي پليجو ۽ ٻين کي مهاجر لبريشن آرمي جي نالي ۾ ڌمڪين وارا خط مليا ته بشير خان قريشي پهريون ماڻهو هو، جنهن ان وقت جي ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ کي نه رڳو فون ڪري اهو چيو ته سنڌي نڌڻڪا ناهن پر خود سسئي پليجو ۽ ٻين کي فون ڪئي ته هو اڪيليون ناهن، بشير خان قريشي انهن سان گڏ آهي. ڊاڪٽر قادر مگسي سان سياسي اختلاف هڪڙي پاسي رکي ان جي ڪارڪنن جي قتل تي احتجاجن ۾ شريڪ ٿيندو هو. نوڙت به ڪو بشير خان قريشي جي ڏسي! رسول بخش پليجو مٿس سخت تنقيد ڪندو هو پر جڏهن به پليجي صاحب کي ڏسندو هو ته نوڙت ۽ احترام ۾ چوندو هو، اوهان اسانجا وڏا آهيو. آئون سنڌ جي ٻين معتبر سياسي شخصيتن کي گهٽ نه ٿو سمجهان، سڀني جو پنهنجو پنهنجو پورهيو آهي، پر سمجهان ٿو ته ويجهي ماضي ۾ بشير خان قريشي سنڌ قوم لاءِ هڪڙو ڇپر ڇانوَ هو، رڪ جي ديوار هو. هن “جيها سي تيها” تي عمل ڪندي سنڌي قوم سان وفا ڪئي. بشير خان قريشي اڄ زنده هجي ها ته سنڌ ايڏي نڌڻڪي ۽ لاوارث نه هجي ها.