سنڌ جي نگران سرڪار: فوجي عدالتن ۾ سولينز جو ٽرائل روڪڻ خلاف اپيل داخل

0
130
سنڌ جي نگران سرڪار: فوجي عدالتن ۾ سولينز جو ٽرائل روڪڻ خلاف اپيل داخل
سنڌ جي نگران سرڪار: فوجي عدالتن ۾ سولينز جو ٽرائل روڪڻ خلاف اپيل داخل

سنڌ جي نگران سرڪار فوجي عدالتن ۾ سولينز جو ٽرائل روڪڻ خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرائي ڇڏي

 سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني بينچ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي، جڏهن ته اپيل تي فيصلو اچڻ تائين سپريم ڪورٽ جو فيصلو معطل ڪرڻ جي به استدعا ڪئي وئي

 درخواست ۾ چيو ويو آهي ته فوجي ٺڪاڻن تي حملن جي جوابدارن جو ٽرائل فوجي عدالتن ۾ ئي ٿيڻ گهرجي

آرمي ايڪٽ ۽ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جون ڪالعدم قرار ڏنيل شقون بحال ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي

شهداء فورم بلوچستان به سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف اپيل داخل ڪرائي ڇڏي، 5 رڪني بينچ جو 23 آڪٽوبر وارو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي