سنڌ جي مختلف علائقن ۾ چوماسي جي برسات وقفي وقفي سان جاري

0
157
سنڌ جي مختلف علائقن ۾ چوماسي جي برسات وقفي وقفي سان جاري
سنڌ جي مختلف علائقن ۾ چوماسي جي برسات وقفي وقفي سان جاري

ڪراچي: سنڌ جي مختلف علائقن ۾ چوماسي جي برسات وقفي وقفي سان جاري، عمرڪوٽ، ڪوٽ غلام محمد، پٿورو، ڇاڇرو، ٺٽو ۽ ڀرپاسي برسات بعد موسم خوشگوار ٿي وئي

مختلف شهرن ۾ انتظاميا رستن تي بيٺل برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ ۾ ناڪام، ڪاڇي ۾ برساتن بعد نئيون وهي اچڻ سبب دادو، جوهي ۽ سيوهڻ سان ڪاٽا ٿيل زميني رابطو بحال نه ٿيو

ڪاڇي جي سوين ڳوٺن جا رهواسي شهري علائقن ۾ اچ وڃ لاءِ پريشان بڻيل آھن، برسات ۽ نئين جي پاڻي جي دٻاءُ سبب ڪاڇي کي شهري علائقن سان ملائيندڙ مُک روڊ ٽٽي پيو، انتظاميا ٻئي ڏينهن به پاڻي ۾ ڦاٿل ڳوٺاڻن جي سار نه لڌي