سنڌ جي مختلف شهرن ۾ قومي قيادت جي گرفتاري ۽ ڪيس داخل ڪرڻ خلاف مظاهرا، ڌرڻا

0
194

ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ قومي ڪارڪنن جي گرفتاري خلاف، مظاهرا، ڌرڻا هنيا ويا آهن، گمبٽ ۾ جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي ۽ جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جي گهر تي پوليس چڙهائي خلاف جسقم ڪارڪنن پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو، جسقم ڪارڪنن پاران صنعان خان کي آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ۽ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جي گهر تي چڙهائي جي مذمت ڪئي. هنن مطالبو ڪيو ته جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي ۽ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جي گهر تي چڙهائي ڪندڙ پوليس اهلڪارن ۽ پوليس عملدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو. ٻئي پاسي ميهڙ ۾ قومي عوامي تحريڪ جي قائد اياز لطيف پليجو ۽ ٻين قوم پرست اڳواڻن تي بحريا ٽائون واقعي جو ڪيس داخل ٿيڻ خلاف ميهڙ ۾ قومي عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن جو مرڪزي سينيئر نائب صدر وڪيل منور علي جتوئي جي اڳواڻي ۾ ٻيٽو چونڪ دعا جي هٿن کان پريس ڪلب تائين احتجاجي مظاهرو ڪري اياز لطيف پليجو ۽ ٻين قوم پرست اڳواڻن تان يس ختم ڪرڻ لاءِ نعريبازي ڪئي. هوڏانهن ميروخان ۾ جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي، قومي قيادت ۽ ڪارڪنن تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جسقم جي قيادت ۽ ڪارڪنن مٿان داخل ڪيل ڪوڙا ڪيس ختم ڪري آزاد ڪيو وڃي. ٻئي طرف فيض گنج ۾ جسقم پاران صنعان خان قريشي سميت جسقم قيادت تي ڪيس داخل ٿيڻ خلاف جسقم پاران احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، مظاهرين جو چوڻ هو ته بحريا ٽائون سنڌ دشمن منصوبو آهي ڪنهن به صورت ۾ اهو منصوبو قبول نه آهي قومي ڪارڪنن سميت سمورن ماڻهن مٿان داخل ڪيل دهشتگردي ڪيس ختم ڪيا وڃن ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جي گهر تي چڙهائي ڪري سندس پٽ کي کنڀڻ وارو عمل مذمت جوڳو عمل آهي . بحريا ٽائون مالڪ ملڪ رياض سنڌ دشمن آهي جنهن کي فوري طور تي گرفتار ڪري سنڌين جي ملڪيتن زمين گهرن تي ٿيل قبضا ختم ڪرايا وڃن. ڪنري ۾ به جسقم پاران قومي ڪارڪنن خلاف ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪرڻ، بحريا ٽائون انتظاميا خلاف احتجاجي ريلي، مظاھرو ڪيو ويو، جسقم جي مرڪزي چيئرمين صنعان خان قريشي، امجد مھيسر، ديدار شام، آصف رضا مگسي، الاھي بخش بڪڪ، اشرف ڪلھوڙو، عزيز الرحمنٰ شيخ، دودو سومرو ۽ ٻين قومي ڪارڪنن جي آزادي لاءِ ضلع عمرڪوٽ جي صدر محمد رمضان خاصخيلي، مير نواز سنڌي، ھيرا لال ڏيباڻي، ادريس ڀٽي ۽ ٻين قومي ڪارڪنن جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب ڪُنري آڏو احتجاجي مظاھرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي، اڳواڻن پاران گرفتار ڪيل قومي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن کي جلد آزاد ڪري داخل ڪيل ڪيس ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.