حيدرآباد/ ڪراچي / جهول( نمائندن وٽان)  ناميارو صحافي، ليکڪ ۽ حيدرآباد پريس ڪلب جو اڳوڻو صدر اسحاق مڱريو 66ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. اسحاق مڱريو گذريل ڪجهه مهينن کان گردن جي تڪليف ۾ مبتلا هو،  مختلف اسپتالن ۾ علاج هيٺ رهيو پر سندس صحت ۾ سڌارو نه اچي سگهيو ،کيس ڪراچي جي ڊائو اسپتال اوجها ڪيپمس  ۾ داخل ڪيو ويو هو، جتي هن علاج دوران دم ڌڻي حوالي ڪيو. اسحاق مڱريو جو مڙهه ڪراچي کان سانگهڙ لڳ سندس اباڻي ڳوٺ گل حسن سريوال منتقل ڪيو ويو، جتي رات دير سان جنازي نماز بعد کيس مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. ٻئي طرف سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ، اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ،  ڄام خان شورو،  سيد ذوالفقار شاهه، ايم اين اي  شازيا عطا مري،  سسئي پليجو ، ايس يو پي جي صدرسيد زين شاھ ، جي ڊي اي اڳواڻ سردار رحيم، قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجي، سنڌ هاري تحريڪ جي صدر ڪامريڊ ثمر حيدر جتوئي، سنڌ فرينڊس آرگنائزيشن جي اڳواڻن اديب شفيع محمد چانڊيو، ڊاڪٽر ڀائي سولنگي، ڄام نظام، منير ڀيلار، عاشق سولنگي، لطيف ملاح، ايڊووڪيٽ سليمان ڏاهري، سليمان لاشاري، سائين بخش حاجاڻو ۽ ٻين صحافي اسحاق مڱريي جي وڇوڙي تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اسحاق مڱريو  سنڌ جي اهم مسئلن ۽ موضوعن تي بهادري ۽ سچائي سان لکيو. ٻئي طرف سنڌي صحافت قداور شخصيت، سينيئر صحافي ۽ حيدرآباد پريس ڪلب جي مختلف عهدن تي رهندڙ محمد اسحاق مڱريو جي لاڏاڻي تي سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين مخدوم سعيد الزمان “عاطف”  ڏک جو اظهار ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته محمد اسحاق مڱريو هڪ نامور، باشعور ۽ بي خوف صحافي هو، جنهن جون صحافتي خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو، اڻٿڪ صحافتي خدمتن تي کيس خراج تحسين پيش ڪيون ٿا ۽ مرحوم جي مغفرت ۽ سوڳوار پونيئرن کي ڏک برداشت ڪرڻ لاءِ باري تعالي جي بارگاهه ۾ دعاڳو آهيون.

اسحاق مڱرئي  سانگهڙ لڳ 6 جولاءِ 1955ع تي جنم ورتو * قومپرست شاگرد سياست ۾ بهرو ورتو* تحقيقي ۽ ماحولياتي صحافت ۾ پاڻ مڃرايو * سوين ڪالم ۽ فيچر لکيا

ڪراچي : صحافي اسحاق مڱريو سانگهڙ ضلعي جي ڳوٺ گل حسن سريوال ۾ 6 جولاءِ 1955ع تي محمد صالح مڱريي جي گهر ۾ جنم ورتو،  پرائمري تعليم ڳوٺ مان حاصل ڪري انٽر سانگهڙ ڊگري ڪاليج ۽ بعد ۾ گريجوئيشن ڪئي، صحافي اسحاق مڱريو جو خاندان حر جماعت سان تعلق رکندڙ آهي, اسحاق مڱريو پنهنجي شاگرديءَ واري دور ۾ شاگرد سياست  قومپرست تنظيمن  ذريعي ڪئي, ان کانپوءِ هن ترقي پسند سياست ۾ حصو ورتو. هن 1992ع ۾ سانگهڙ کان صحافت جي شروعات ڪئي, 1995ع کانپوءِ حيدرآباد اچي ويو، مختلف اخبارن توڙي ٽي وي چينلن ۾ صحافتي ذميواريون نڀايون. اسحاق مڱريو ڪالم نگار ۽ فيچر رائيٽر طور به مشهور هو, هن جا ڪيترائي مضمون مختلف اخبارن ۽ مئگزينن ۾ ڇپجندا رهيا، صحافي اسحاق مڱرئي ڪيترن ئي سياسي, سماجي شخصيتن کانسواءِ اهڙن ڪردارن جا به انٽرويو ڪيا, جن کي عام طور ميڊيا تي ايتري جڳهه ناهي ملندي. اسحاق مڱريو انهن ٿورن سنڌي صحافين مان هو، جن تحقيقي صحافت کي هٿي ڏني, هن ماحولياتي صحافت کي متعارف ڪرايو،  ماحوليات جي تناظر ۾ ڪيتريون ئي شاهڪار اسٽوريون, ڪالم ۽ فيچر لکيا، هو عالمي ماحولياتي تنظيمن آءِ يو سي اين، ڊبليو ڊبليو ايف ۽ يو اين ڊي پي جي ماحولياتي سرگرمين ۾ حصو وٺندو رهيو. ھن حر تحريڪ، اينٿراپالاجي، جهنگلي جيوت، ثقافتي ميلن کان ويندي سنڌ جي اهم ڪردارن جي زندگيءَ ۽ تاريخ کي پنهنجي قلم وسيلي عام ماڻهن تائين پهچايو, هن سنڌ جي تاريخي ماڳن کي نئين انداز سان رپورٽ ڪيو,