سنڌ جي زمينن جي نيلامي نامنظور: سانا جو هيوسٽن ۾ پاڪستاني قونصل خاني آڏو احتجاج

0
80
سنڌ جي زمينن جي نيلامي نامنظور: سانا جو هيوسٽن ۾ پاڪستاني قونصل خاني آڏو احتجاج
سنڌ جي زمينن جي نيلامي نامنظور: سانا جو هيوسٽن ۾ پاڪستاني قونصل خاني آڏو احتجاج

سنڌ جي زمينن جي نيلامي خلاف سانا جي سڏ تي هيوسٽن ۾ پاڪستاني قونصل خاني آڏو احتجاج ڪيو ويو آهي، پڌرائي ۾ اڳواڻن چيو آهي ته سنڌ جا مالڪ صرف سنڌي آهن، زمين ڌارين کي ڏيڻ بدران غريب هارين ۾ ورهائي وڃي

سانا طرفان ڊاڪٽر ماھ رنگ بلوچ ۽ کنڀيل بلوچن جي وارثن مٿان اسلام آباد ۾ ٿيل تشدد جي به مذمت  ڪئي وئي آهي

سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا پاران سنڌ جي زمين ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي ليز ڪرڻ واري فيصلي خلاف ٽيڪساس رياست جي شهر هيوسٽن ۾ پاڪستاني قونصل خاني ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

مظاهري کي سانا جي ايڊووڪيسي اينڊ رائيٽس ڪاميٽي جي ڪنوينر ذاڪر بُلو ۽ سانا باءِ لاز ڪاميٽي جي چيئرمين طلعت ٽالپر خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي زمين، معدني وسيلا ۽ ٻيٽن سميت سنڌ جي انچ انچ جا مالڪ صرف سنڌي آهن

هنن چيو ته اشرافيه ۽ مافيا طرفان اڳ ئي سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن، بدين، ٺٽي، ڪراچي، ڪاڇي ۽ ڪوهستان جي زمينن تي قبضي کانپوءِ هاڻي رهيل سنڌ تي به قبضو ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃيسنڌ جي زمينن جي نيلامي نامنظور: سانا جو هيوسٽن ۾ پاڪستاني قونصل خاني آڏو احتجاج

سنڌ جي زمينن جي نيلامي نامنظور: سانا جو هيوسٽن ۾ پاڪستاني قونصل خاني آڏو احتجاج

اڳواڻن جو چوڻ هو ته ڏهاڪن کان جاري سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ کانپوءِ هاڻي ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي زمينن تي قبضو سنڌين جي نسل ڪشي برابر آهي، هڪ پاسي سنڌ جا ماڻهو اڳ ئي غربت جي چڪي ۾ پيسجي رهيا آهن، غربت سبب نوجوان آپگهات ۽ مائرون پنهنجا ٻچا وڪڻڻ تي مجبور آهن

سنڌ جون زمينون ڌارين کي ڏيڻ بدران مقامي هارين ۽ بي روزگار نوجوانن ۾ ورهايون وڃن

هنن چيو ته پاڪستان ۾ پهرين ڏينهن کان وٺي ننڍن صوبن سان زيادتيون ٿينديون رهيون آهن، خاص طور تي سنڌ ۽ بلوچستان سان محڪومن واري روئي سبب ٻنهي صوبن ۾ احساس محرومي وڌي وڻ ٿي چڪي آهي، سنڌ جي تيل، گئس، ڪوئلي، سون، درياء، سمنڊ، ۽ پهاڙن سميت هر شئي تي مڪمل قبضو ڪري سنڌين کي پنهنجي ئي وطن ۾ غلامن واري زندگي گذارڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي

ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ پنهنجي بنيادي حقن لاءِ آواز اٿاريندڙ ماڻهن جي آواز کي ٻڌڻ بدران کين جبري طور کنڀي گم ڪرڻ کانپوءِ انهن جا چچريل لاش اڇلايا ويندا آهن

ملڪ ۾ اظهار جي آزادي ۽ سياسي چرپر تي بندش وجهي اڻ اعلانيل مارشل لا لاڳو ٿيل آهي

هنن بلوچ اڳواڻ ڊاڪٽر ماھ رنگ بلوچ سميت کنڀي گم ڪيل بلوچن جي وارثن مٿان اسلام آباد ۾ ٿيل وحشياڻي تشدد جي سخت مذمت ڪندي سنڌ ۽ بلوچستان مان جبري کنڀيلن جي آزادي جو مطالبو پڻ ڪيو

احتجاج دوران سانا طرفان 9 نڪاتي چارٽر آف ڊمانڊ پاڪستاني قونصل خاني جي عملدارن حوالي ڪيو ويو

هن مظاهري ۾ هيوسٽن جي سنڌي ڪميونٽي جي متحرڪ اڳواڻن ڊاڪٽر سرمد ميمڻ، ممتاز ميمڻ، صدام ڪورائي، اي عباسي، سهيل سومرو، ڊاڪٽر محمد اقبال سيهڙ، سعيد شيخ، خالد جمالي، عبدالرزاق منگي، شهناز شيخ، ساراه بُلو، نڪولتا ٽالپر، ظهير بلوچ،  عبدالله گهوٽو ۽ ٻين شرڪت ڪئي