نئون ديرو(ن پ ا) سنڌي ادبي سٿ نئون ديري پاران “شاھَ لطيفَ جو فڪر ۽ اڄ جو نوجَوانُ“ جي عنوان تي ميونسپل ڪاميٽي نئون ديرو ۾ مذّاڪر منعقد ڪيو مذاڪري ۾ شھر جي نوجوانن، زندگيءَ جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ دوستن، پروفيسرن، استاد عالمن، اديبن شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. مذاڪري کي صدارتي خطاب ڪندي پروفيسر غلام حسين ڪٽپر چيو ته سنڌ جي تاريخ ۾ شاھ لطيف ھڪ غير معمولي انسان ۽ باڪمال شاعر پيدا ٿيو. جيڪڏهن شاهه عبدالطيف ڀٽائي آهي ته سنڌ به آهي ۽ سنڌ آهي ته ڀٽائي به آهي، ڀٽائي سرڪار اسان جو رهنماءُ آهي سڀ قومون پنهنجن قومي شاعرن جي عزت ڪنديرون آهن. مذاڪري کي خطاب ڪندي ڪامريڊ امان الله ڀٽو چيو ته شاھ لطيف جي فلسفي ۽ فڪر ۾ سڄڻَ ۽ ساڻيھ سان اُتانھين عشق جو اظھار ٿيل آھي. مزاحمتي شاعر منظور منگي خطاب ڪندي چيو ته  شاھ لطيف جو فڪر ۽ فلسفو سنڌي ٻوليءَ ۽ شاعريءَ جو بُڻُ بڻيادُ جوھرُ ۽ روح آھي. مذاڪري ۾ امام راشدي، ادبي سَٿَ جي سيڪريٽري جنرل انجم قاضي، شاعر لياقت ابڙو، اسڪالر برڪت جيھو، اسڪالر اسدالله منگي ، فقير امداد ميراڻي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌي نوجوان کي شاھ لطيف جي فڪر سان لنئون لڳائڻي پوندي. سنڌي ادبي سٿ نئون ديرو پاران لطيف جي فڪر بابت نئين نسل کي آگاھي ڏيڻ اسانجي پھرين ترجيح ھجڻ گھرجي. نوجوانن کي لطيف سائين جي شاعريءَ کي جديد دور واري نظر سان ڏسڻو پوندو. لطيف سرڪار عام لوڪ ۽ عوام جو شاعر  آهي. مذاڪري ۾ فنڪار غلام قادر شيخ پنھنجي سريلي آواز ۾ لطيف سائين جي وائي ٻڌائي خوب داد حاصل ڪيو.