سنڌ جي امن امان جا ‘الف ليلوي’ داستان ۽ آءِ جي سنڌ

0
10
سنڌ جي امن امان جا ‘الف ليلوي’ داستان ۽ آءِ جي سنڌ

گورننس ادارن جي مجموعي ڪارڪردگيءَ جو نالو آهي. سنڌ کي ڪهڙي قسم جي گورننس ميسر آهي، ان جي خبر نه گھرو کاتي جي منتريءَ جي بيانن مان پوندي ۽ نه ئي صوبي جي سرواڻ سنتري آءِ جي بهادر جي بيانن مان ان جو اندازو ٿيندو. سنڌ ۾ ڏينهون ڏينهن ڏوهن ۾ اضافي باوجود بيربل ثاني گهرو وزير باتدبير سنڌ ۾ ڏوهن جي گھٽتائي جي نويد ڏئي چڪو آهي. اهڙي خوشخبري ان صدر مملڪت آصف علي زرداري جي سنڌ جي امن امان بابت سکر ۾ گھرايل اجلاس دوران ڏني. سنڌ ۾ امن امان جي حالت ڪهڙي آهي، ان حوالي سان چئي سگهجي ٿو ته اُڀ اکين پيو ڏسجي، پر گھرو وزير کي ڪير چوي ته، “شينهن، تنهنجي واتَ ۾ ڌَپَ!” ڄاڻايل گڏجاڻيءَ ۾ آءِ جي بهادر پوليس جي احسن ڪارڪردگي جا جيڪي الف ليلوي قصا ٻڌايا، اهي سنڌ جي امن امان جي موجود حالتن سان ڪنهن به ريت برميچجي نٿا بيهن. سنڌ مان امن جو پکي اڏامي ويو آهي. ڌاڙيلن جون ڪارروايون جاري آهن. پوليس چوڪين تي ڌاڙيل حملا ڪري پوليس اهلڪارن کي شهيد ۽ ٻين کي اغوا ڪري رهيا آهن. اخبارون ڪرائيم ڊائريون بنجي ويون آهن، جن مان پوليس جي ڪارڪردگي ۽ امن امان جي صورتحال جو اندازو آساني سان لڳائي سگهجي ٿو. سوال اهو آهي ته آخر سنڌ جي امن امان بابت سچ ڇو نٿو ڳالهايو وڃي؟

دعوائن جي بنياد تي احسن ڪارڪردگيءَ کي ثابت ناهي ڪري سگهبو. احسن ڪارڪردگي سرزمين تي موجود سچ مان ثابت ٿي سگهي ٿي. ميڊيا سماج جي آرسي هوندي آهي ۽ سنڌ جي ميڊيا جي آرسي ۾ امن امان جو مهانڊو ڪيڏو هيبتناڪ ۽ ڊراڪولائي آهي، ان مان آءِ جي بهادر جي امن امان جي بهتري وارين دعوائن جي ڪنهن به ريت تصديق نٿي ٿئي. رڳو ڪالهوڪي “پنهنجي اخبار” ۾ رپورٽ ٿيل امن امان جي سنگين صورتحال بابت خبرن تي نگاهه وجھڻ کانپوءِ سنڌ پوليس جي سربراهه کي شڪ جو فائدو به نٿو ڏئي سگهجي. سنڌ جي امن امان جي موجوده صورتحال جيڪڏهن بهتر آهي ته ڀلا ابتر ڇا کي ٿو چئجي؟ ۽ اغوا، قبيلائي دهشتگردي، اسٽريٽ ڪرائيم، قتل ۽ غارتگري، پوليس اهلڪارن طرفان ماڻهن جو ڀُنگ خاطر اغوا، ٽارگيٽ ڪلنگ، گينگ ريپ، ڪارنهن جي الزام ۾ قتل- باقي ڪهڙا ڏوهه بچيا آهن جن جي سنڌ ۾ کوٽ آهي! ۽ اهڙين حالتن ۾ به امن امان جي ان ابتر صورتحال کي بهتر هجڻ جو نالو ڏئي ڪريڊٽ کنيو ٿو وڃي. جڏهن پوليس سنڌ ۾ امن امان کي ئي بهتر نٿي بنائي سگهي، ڏوهن کي ختم نٿي ڪري سگهي ته پوءِ ان نا اهل نفريءَ کي عوام جي ٽيڪسن جي ناڻي تي چٽي بڻائي آخر ڇو پالجي؟ سنڌ ۾ اغوا ٿيندڙ ماڻهن جو تعداد ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي، پوليس اهلڪار به ڌاڙيلن هٿان شهيد ٿي رهيا آهن، پوليس چوڪين تي حملا ٿي رهيا آهن، ڇا اهي سڀ اهڃاڻ امن امان جي بهتري جا آهن؟ پوليس اهلڪار ڪچي جي چوڪين تي ڊيوٽي ڪرڻ لاءِ تيار ناهن پر انهن کي زوري موت جي منهن ۾ ڌڪيو پيو وڃي. ان سان پوليس جو “مورال” ڪيترو بلند ٿيندو؟ ويتر اهو تاثر سگھارو ٿي رهيو آهي ته جڏهن پوليس پنهنجو ئي تحفظ نٿي ڪري سگهي ته اها عوام جو تحفظ ڪيئن ڪري سگهندي؟

سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال ايتري ته خراب آهي جو ماڻهو ۽ روڊن ۽ رستن، برن ۽ بازارين ۾ ته پري جي ڳالهه، پنهنجن گهرن ۾ به محفوظ نه آهن. سوال اهو آهي ته امن امان جي حوالي سان عوام سان سچ ڇو نٿو ڳالهايو وڃي؟ اسان اڳ به هنن ئي ڪالمن ۾ اهو چوندا رهيا آهيون ته خرابيءَ جي خاتمي ڏانهن وِکَ تڏهن وڌندي آهي، جڏهن پهرين ان خرابيءَ جي وجود جو اقرار ڪيو ويندو پر جڏهن خرابيءَ کان انڪار ٿيندو هجي ته ان صورت ۾ ان جي خاتمي جي لاءِ قدم ڪيئن کڄي سگهندا؟ اسان سنڌ پوليس جي سربراهه کي اهو چوڻ جي ضرورت ٿا محسوس ڪريون ته امن امان جي بهتري جا “الف ليلوي” داستان ٻڌائڻ بدران ڏوهن جي خاتمي لاءِ حقيقي قدم کنيا وڃن. پوليس ۾ سياسي مداخلت جو رستو روڪيو وڃي. ڏوهن ۾ ملوث اشرافيه کي قانون جي گرفت ۾ آندو وڃي. قانون جو “بول بالا” ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪيون وڃن پر اهي ڪوششون رياستي قانون لاءِ هجڻ گھرجن، نه ڪي سردارن جي جرڳائي قانون لاءِ.