سنڌ جو پاڻي ۽ پنجاب جون زيادتيون

0
203
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

سنڌ سان وفاقي حڪومت يا وفاقي ادارن جي ناانصافين جو سلسلو ته گهڻي وقت کان هلندڙ آهي ڪڏهن به ان کي پنهنجو پورو حصو نه مليو آهي پر اڄڪلهه ته وري سنڌ ٻٽي عذاب جو شڪار آهي هڪ طرف برساتي ٻوڏ انهي کي ڪيترائي سال پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي ته هاڻي وري ان جي زراعت کي هٿ سان تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ان کي ڄڻ ته خوراڪ جي بحران ڏانهن ڌڪيو پيو وڃي.اڌ کان وڌيڪ سنڌ هن وقت به برساتي پاڻي ۾ ٻڏل آهي جنهن ڪري اتي ربيع جو فصل پوکجڻ تقريبن ناممڪن بڻجي ويو آهي  پر جيڪي علائقا انهي برساتي ٻوڏ کان بچي ويا يا ڪٿي پاڻي نيڪال ٿيڻ جي ڪري زرعي زمين پوکي لاءِ تيار آهي ته اتي وري زرعي پاڻي جي کوٽ سبب آبادي ممڪن نه رهي آهي يا وري مڪمل آباد ٿي نه سگهندي.

پاڻي جي معاملي تي سدائين پنجاب سنڌ سان زيادتي ڪندو رهيو آهي ۽ هو سنڌ جو پاڻي چوري ۽ زوري ٻنهي طريقن سان کڻندو رهيو آهي، توڙي جو پاڻي جي ريگيوليٽري اٿارٽي ارسا موجود آهي جن ۾ چئني صوبن ۽ وفاق جي به نمائندگي آهي ۽ واري واري سان انهي جي چيئرميني جو مدو به صوبن يا وفاق کي ڏنو ويندو آهي پر ڪهڙي به صوبي جو چيئرمين هجي نقصان سنڌ کي ٿيندو آهي ۽ فائدو پنجاب کڻندو رهندو آهي. سنڌ کي پنهنجو حق ناهي ملندو ۽ پنجاب کي ڪير به پاڻي چوري يا زوري کڻڻ کان روڪي ناهي سگهندو ،هاڻي به اهو ئي ڪجهه ٿي رهيو آهي. 17 آڪٽوبر تائين ارسا جو چيئرمين سنڌ جو نمائندو هو ۽ هاڻي انهي سيٽ تي بلوچستان جو ميمبر ويٺو آهي پر جيڪا پاڻي جي چوري ٿي رهي هئي ان کي نه سنڌ جو چيئرمين روڪي سگهيو نه ئي هاڻي بلوچستان جو چيئرمين روڪي سگهي ٿو .جنهن ڪري سنڌ جي هڪ حصي ۾ هڪ طرف برساتي ٻوڏ جو پاڻي بيٺل هئڻ ڪري ربيع جو فصل پوکجي نه ٿو سگهي ته جتي زرعي زمين انهي پاڻي کان بچيل آهي يا فصل لاءِ تيار آهي ته اتي وري زرعي پاڻي جي کوٽ ڪري فصل پوکجي نه ٿو سگهجي، جيڪڏهن پوکي ٿي به  ته مڪمل پاڻي نه ملڻ ڪري انهي جي واڌ ويجهه اهڙي طريقي سان نه ٿيڻ جو خطرو آهي.خبر آهي ته  ربيع سيزن جي پهرين ڏينهن يعني پهرين آڪٽوبر کان پنجاب جي آبپاشي کاتي تڪراري سي جي لنڪ ڪينال مان 20 هزار ڪيوسڪ ۽ ٽي پي لنڪ ڪينال مان 7 هزار 880 ڪيوسڪ پاڻي کڻت شروع ڪئي ته ارسا  ان تي اعتراض واريندي ٻنهي ڪينالن مان پاڻي کڻت بند ڪرڻ جي پنجاب جي آبپاشي کاتي کي هدايت ڪئي پر پنجاب جي آبپاشي کاتي اهو چئي ارسا جون هدايتون نظر انداز ڪري ڇڏيون ته پنجاب پنهنجي حصي جي پاڻي مان اهي ٻئي ڪينال وهائي رهيو آهي ايئن پنجاب جي آبپاشي کاتي ارسا ۽ سنڌ جي اعتراضن کي نظر انداز ڪندي سي جي لنڪ ڪينال مان پهرين آڪٽوبر کان 16 آڪٽوبر تائين  هڪ لک 84 هزار 301 ڪيوسڪ پاڻي کڻت ڪئي، جڏهن ته پنجاب جي آبپاشي کاتي ٽي پي لنڪ ڪينال مان پهرين آڪٽوبر کان 23 آڪٽوبر تائين مسلسل پاڻي کڻت جو عمل جاري رکيو ، مجموعي طور تي پهرين آڪٽوبر کان 23 آڪٽوبر تائين پنجاب جي آبپاشي کاتي ٽي پي لنڪ ڪينال مان 2 لک 8 هزار 822 ڪيوسڪ پاڻي جي کڻت مڪمل ڪري ورتي آهي.يعني ٻنهي ڪينالن ذريعي پنجاب تقريبن ساڍا ٽي لک ڪيوسڪ پاڻي کڻي چڪو آهي.

اسان سمجهون ٿا ته سنڌ هن وقت جنهن حالت مان گذري رهي آهي انهي صورتحال ۾ سنڌ کي وفاقي منصوبن يا صوبن ۾ ٿيل ورڇ مان به وڌيڪ حصو ملڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته ٻوڏ جي تباهين سنڌ کي ڪيترا سال پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي پر جيڪڏهن وفاق ۽ پنجاب اهو نه ٿا ڪري سگهن ته گهٽ ۾ گهٽ سنڌ جي حصي ۾ ته ناانصافي نه ڪن.تنهن ڪري ضروري آهي ته فلڊ ڪينال ٻارنهن مهينا وهائڻ بند ڪيا وڃن ته جيئن سنڌ کي ربيع جي فصل لاءِ  پاڻي جي کوٽ کي منهن نه ڏيڻو پوي، ان لاءِ وفاقي حڪومت پنهنجو ڪردار ادا ڪري.