حيدرآباد (بيورو رپورٽ) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو  آهي ته   شديد گرمين باوجود بجلي ناجائز بند ڪري عوام کي تڪليف ۾ وڌو ويو آھي. حيسڪو، سيپڪو ۽ ڪي اليڪٽرڪ ۾ ڪرپٽ مافيا مسلط آھي. فيڪٽرين، ڪمپنين ۽ حڪمران طبقي جي ماڻھن لاءِ لوڊشيڊنگ ناھي، باقي عام ماڻھن کي لکين روپين جا ناجائز بل موڪلڻ باوجود بجلي بہ ڪلاڪن جا ڪلاڪ بند رکي وڃي ٿي. هن چيو ته بجلي چوري ۾ ڪرپٽ آفيسر مليل آھن، اھي رشوت خاطر ۽ پنھنجن مفادن خاطر ھٿرادو بجلي چوري ڪرائين ٿا. ۽ پوءِ لائين لاسز پورو ڪرڻ لاءِ  قانوني صارفين ڏانھن ناجائز بل موڪلي انھن کي لٽيو وڃي ٿو. هن چيو ته . سنڌ جو عوام ناجائز لوڊشيڊنگ خلاف آواز بلند ڪري.