سنڌ جو امن امان نگران منتظمين جي اوليت ڇو نه آهي؟

0
37
‘پوليو فري پاڪستان’ جو خواب ڪڏهن ساڀيان ماڻيندو؟
تاريخي، تهذيبي ماڳن ۽ قديم آثارن ڏانهن لاپرواهيءَ وارو رويو

هونئن ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال آئيڊيل ته پري جي ڳالهه، اهڙي به نه رهي آهي، جنهن کي اطمينان جوڳي چئي سگهجي پر موجوده نگرانن جي دور ۾ سنڌ ۾ بدامني ۽ ڏوهن جون وارداتون نوان رڪارڊ جوڙي رهيون آهن. سنڌ جون ٻهراڙيون ۽ ڪچو ته آهي ئي ڏوهارين جي حوالي. ماڻهو بنا ڪنهن “طبقاتي فرق” جي اغوا ٿي رهيا آهن. ايتري قدر جو مسڪين پورهيتن کي اغوا ڪيو پيو وڃي، جتان ڌاڙيلن کي ڀُنگ ملڻ جو آسرو به ناهي هوندو پر ڏهڪاءُ پکيڙڻ لاءِ مسڪين ماڻهو اغوا ڪري انهن تي بدترين تشدد ڪري وڊيو وائرل ڪيون وڃن ٿيون. هاڻي ته سنڌ جي گاديءَ واري شهر ڪراچي ۾ به ڦرلٽ جا وڏا واقعا ٿيڻ لڳا آهن. هنن ۾ هڪ وڏي واردات 7 ڪروڙ رپين جي ماليت جي موبائل فون سيٽن سان ڀريل گاڏيءَ جي ڦر آهي. صدر ڪراچي جي موبائل مارڪيٽ مان نڪتل ڪوريئر ڪمپني جي وين کي فيروز آباد (ڪراچي) وٽ روڪي هٿياربند ڊرائيور سميت ڪاهي ويا ۽ ٻي وڏي واردات ڪراچيءَ جي لانڍي واري علائقي ۾ ڊيري فارم مان هڪ ڪروڙ رپين جي ماليت جي 94 ڍورن جي ڦر آهي. 25 هٿياربند ٽن ٽرڪن ۾ اهي ڍور ڦر ڪري بنا ڪنهن روڪ رنڊڪ جي هليا ويا.

هونئن ته ڪراچيءَ ۾ اسٽريٽ ڪرائيم جا واقعا پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کان ڪنٽرول نه پيا ٿي سگهن. اڳي ماڻهن کان رستي هلندي گن پوائنٽ تي موبائل فون ڦر ڪيا ويندا هئا پر ڪراچي جي تاريخ ۾ شايد هي هڪ نرالو واقعو آهي، جنهن ۾ موبائل فون سيٽن سان ڀريل سڄي وين ‘اغوا’ ڪئي وئي آهي. اها وين ڪنهن جهنگ ۾ ڦر ڪانهي ٿي پر ڪراچيءَ جي علائقي فيروزآباد مان ڦر ڪئي وئي آهي. ڪراچي ۾ روڊن رستن ۽ گهٽين ۾ سي سي ٽي وي ڪئميرائون لڳل آهن، جن جي فوٽيجز جي مدد سان ڏوهارين تائين پهچي سگهجي ٿو پر پوليس ايئن ڪرڻ جي زحمت ئي نه ڪندي آهي. لانڍي جي ڊيري فارم مان 94 ڍورن جي ڦر جو واقعو به هڪ انتهائي نرالي واردات آهي. 25 هٿياربند ٽي ٽرڪون کڻي اچن ٿا ۽ ان ۾ 94 ڍور ڀري فرار ٿي ٿا وڃن پر انهن جي ڪٿي رستي روڪ نٿي ٿئي. انهن جو پتو به سي سي ٽي وي ڪئميرائن جي ذريعي آسانيءَ سان لڳائي سگهجي ٿو. ڪراچي ۾ ڏوهن جون وارداتون ايتريون ته وڌي ويون آهن، جو ماڻهن لاءِ روڊن رستن تي نڪرڻ به مشڪل بڻجي ويو آهي.

ڪو زمانو هو جو اخبار جي ڪنهن ڪنڊ ۾ ڏوهن جي خبرن جو ننڍڙو باڪس لڳندو هو پر هاڻي اهو ڦهلجي سڄي اخبار تي محيط ٿي ويو آهي. هاڻي ته اخبارون ڪرائيم ڊائرين جو ڏيک ڏيڻ لڳيون آهن. ڏوهه ايترا ته وڌي ويا آهن جو اخبارن ۾ ڪا خير جي خبر پڙهڻ لاءِ به نه ملندي آهي. اسان اڳ به هنن ئي ڪالمن ۾ اهو چوندا رهيا آهيون ته ڏوهه پوليس جي سرپرستي ۽ ڇٽيءَ جي هيٺان ٿين ٿا. ڪيترائي دفعا پوليس جي ڏوهي وارداتن ۾ ملوث هجڻ جون خبرون رپورٽ ٿي چڪيون آهن. پوليس، جنهن جو ڪم ڏوهن کي روڪڻ ۽ عوام جي تحفظ جي ذميواري آهي پر اها پوليس پاڻ ئي جڏهن ڏوهن جي سرپرست بڻيل هجي ته پوءِ پوليس کان ئي عوام کي تحفظ ڏيارڻ جي ضرورت پيش اچي ٿي. جن ٻن وڏين وارداتن جو مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي، اهي ڪي عام “وارداتيا” ڪري نٿا سگهن. ڏوهارين جا منظم ٽولا ان ۾ ملوث ٿي سگهن ٿا ۽ اهو سڀ ڪجهه پڻ اعليٰ سطحي سرپرستيءَ کانسواءِ ممڪن نه آهي. اها  ڪالهوڪي خبر آهي ته ڪراچي جي ڀينس ڪالوني نمبر 9 ۾ فائرنگ سان ٻه مبينا چور زخمي ٿي پيا آهن. اهي رقم کسي ڀڄي رهيا هئا ته شهرين جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيا.

سنڌ جي نگران حڪومت امن امان جي ذميواري احسن طريقي سان پوري نه ڪري سگهي آهي. سنڌ جو نگران وڏو وزير ڪنهن اهڙي واقعي کانپوءِ معاملي جو نوٽيس ته وٺندو آهي پر کيس ڪير ٻڌائي ته حڪمراني صرف نوٽيس وٺڻ جو نالو نه پر عوام جي تحفظ کي يقيني بنائڻ جي ذميواري آهي. گاديءَ واري شهر ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ وڌندڙ ڏوهن جي شرح تي اسان انتهائي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي اها گهر ٿا ڪريون ته عوام جي تحفظ جي آئيني ذميواري پوري ڪئي وڃي. اسٽريٽ ڪرائيم سميت اغوا ۽ ڦر جي وارداتن تي ضابطو آڻڻ لاءِ اپاءُ ورتا وڃن.