سنڌ جون نياڻيون مقابلي لاءِ تيار آهن. سي ايس ايس هجي يا سي سي اي جو مقابلي وارو امتحان انهن پاڻ مڃايو آهي. وارھه واسڻ نياڻي ڊاڪٽر فائزه يوسف سوڍر ڪميشن جي امتحان ۾ پهريون نمبر کڻي سنڌ پوليس ڊپارٽمينٽ ۾ ڊي ايس پي ٿي وئي.سوشل ميڊيا تي فائزه يوسف سوڍر جي ساراهه ٿي رهي آهي ۽ چيو پيو وڃي ته تعليم سان ئي انسان اڳتي اچي سگهي ٿو، نياڻين کي تعليم ڏني وڃي.