سنڌ جون سموريون خانگي ۽ سرڪاري يونيورسٽيز 17 مئي تائين بند رهنديون

0
318
سنڌ جي 26 يونيورسٽيز

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪورونا صورتحال سبب سنڌ جون سموريون خانگي ۽ سرڪاري يونيورسٽيز، سنڌ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن ۽ شهيد بينظير ڀٽو ريسرچ سينٽر 17 مئي تائين بند رهنديون جنهن بابت يونيورسٽيز اينڊ بورڊ جي اختيارين نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، يونيورسٽين ۾ فزيڪل ڪلاس بند رهندا ۽ آن لائين تعليم حاصل ڪري سگهبي، نوٽيفڪيشن موجب تعليمي بورڊز ۽ يونيورسٽيز اينڊ بورڊ کاتي جي ماتحت سمورن ادارن ۾ ملازمن جي حاضري 20 سيڪڙو رهندي، سنڌ ۾ ڪورونا ڪيسز ۾ تيزي سان واڌ سبب سمورن ادارن جو سرگرميون محدود ڪيون ويون آھن.