سنڌ جون اسپتالون سڌارڻ وارو ٽاسڪ وزيراعليٰ انسپيڪشن ٽيم حوالي: ڪاميٽيون پڻ قائم

0
177
سنڌ جون اسپتالون سڌارڻ وارو ٽاسڪ وزيراعليٰ انسپيڪشن ٽيم حوالي: ڪاميٽيون پڻ قائم
سنڌ جون اسپتالون سڌارڻ وارو ٽاسڪ وزيراعليٰ انسپيڪشن ٽيم حوالي: ڪاميٽيون پڻ قائم

ڪراچي(رپورٽ : شاهد ميراڻي) سنڌ جي اسپتالن جا انتظام سڌارڻ وارو ٽاسڪ وزيراعليٰ انسپيڪشن ٽيم جي چيئرمين حوالي،وزيراعليٰ انسپيڪشن ٽيم جي چيئرمين ڊي جي صحت سان رابطو ڪري اسپتالن بابت بريفنگ ورتي. 8 نومبر تي صحت کاتي جو  اهم اجلاس طلب ڪري ورتو

 ان ڏس ۾سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر پاران سرڪاري اسپتالن جا اوچتا دورا ڪرڻ باوجود سرڪاري اسپتالن ۾ رڳو 10 سيڪڙو بهتري آئي آهي. مختلف سرڪاري اسپتالن ۾ صفائي سٿرائي، ڊاڪٽرن ۽ عملي جي غيرحاضري توڙي دوائن ۽ ٻين سهوليتن جي کوٽ وارا مامرا بهتر ڪرڻ لاءِ وزيراعليٰ انسپيڪشن ٽيم جي چيئرمين رفيق ٻرڙو کي ٽاسڪ سونپيو ويو آهي

ٻئي طرف سي ايم آءِ ٽي چيئرمين صحت کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل ( ڊي جي صحت) کي هدايت ڪئي آهي ته سمورن ضلعن ۾ ضلعي، تعلقي ۽ اسپتال سطح تي کاتي جون انسپيڪشن ٽيمون ٺاهي روزاني بنياد تي مختلف وارڊن ۾ وڃي مريضن کي ملندڙ سهوليتن، دوائن ۽ صفائي سٿرائي واري عمل جو جائزو ورتو وڃي

روزانو  بنياد تي ٿيندڙ انسپيڪشن جي هر هفتي رپورٽ کيس پيش ڪئي وڃي،ٻئي طرف  سي ايم آءِ ٽي جي چيئرمين سڀاڻي 8 نومبر تي صحت کاتي جو اهم اجلاس پڻ گھرائي ورتو آهي، انهي حوالي سان  ڊي جي صحت کي هدايت ڪئي وئي آهي ته سرڪاري اسپتالن جي مسئلن بابت رپورٽ ڏني وڃي

ان حوالي سان رابطو ڪرڻ تي وزيراعليٰ انسپيڪشن ٽيم جي چيئرمين رفيق ٻرڙو ”پنهنجي اخبار” سان ڳالهائيندي چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ نگران وڏي وزير سرڪاري اسپتالن جو دورو ڪري سخت هدايتون جاري ڪيون هيون.  اڃا تائين سرڪاري اسپتالن ۾ صفائي سٿرائي سميت مريضن جون مسئلن بابت شڪايتون اچن پيون. هن چيو ته 8 نومبر تي اجلاس ۾ اسپتالن جو نظام سڌارڻ بابت اهم فيصلا ڪيا ويندا