دوستو ڪجھه ڏينهن اڳ منهجو سئيزرلينڊ  جي مشهو شهر زيورخ وڃڻ ٿيو  پنهجي ڪمپني جي ٽيم   کي ليڊ ڪيو . دنيا ۾ اليڪٽريڪل جي حساب سان وڏو نالو اي بي بي جيڪو هينئر هٽاچي خريد ڪري ورتو آهي وزٽ ڪئي .  سچ پڇو ته  فيڪٽري ۾ ٽيم کي ليڊ ڪري ڏاڍي خوشي ٿي  هي ان فيڪٽري جي ٻاهران جي تصوير آهي،  ٿوري دير ان بلڊنگ جي اڳيان بيهي سوچيم ته  منهجو تعلق سنڌ جي هڪ پٺتي پيل ننڍڙي ڳوٺ سان آهي ، منهجو والد هاري هيو، مون پاڻ زندگي ۾ ٻني ٻاري جو ڪم ڪيو آهي، ان کان علاوه زندگي ۾ کوڙ سارين تڪليفن کي منهن ڏيڻو پيو پر پوءِ به ان مقام تي پهچڻ مون لاءِ خواب جيان هو . پر پوءِ سوچيم ته نه هي ته حقيقت آهي ۽ هي خواب تڏهن ئي پورو ٿيو آهي جو وقت جهڙي  دولت کي استعمال ڪري تعليم جهڙو قيمتي هٿيار ورتو سين پوءِ اسڪلز جو بارود وٺي ۽ آگاهي جي سکيا وٺي مسلسل جدجهد جاري رکي  سون ته پوءِ هي خواب ساڀيان ٿيو آهي . سنڌ جا نوجوانو مايوس نه ٿيو  اوهان وٽ وڏي  دولت ( وقت ) اٿوَ جنهن کي استعمال ڪري ( تعليم ) جو بهترين  هٿيار وٺو ( اسڪلز )  جو بارود ڪٺي ڪيو پوءِ ( اويئرنيس ) جي سکيا وٺي ميدان ۾ لهو ته ڪاميابي اوهان جا قدم چمندي…. (فيس بوڪ تان ورتل)