سنڌ جا قديمي ماڳ آخر لا وارث ڇو؟

0
350

سنڌ سڄي تاريخي ۽ قديمي ماڳن سان سينگاريل آھي، ڪراچي کان ڪشمور تائين، ڪينجھر کان ڪارونجھر تائين ھر ننڍي توڙي وڏي شھر ۾ قديمي ماڳ موجود آھن پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته سنڌ جا ھي تاريخي اثاثا لاوارث بڻيل آھن ۽ ڪو به ڌڻي سائين ناھي، تنھنڪري ھاڻي انھن تاريخي ماڳن تي غير اچي قبضو ڪري رھيا آھن ۽ لڳي ٿو اھو وقت پري ناھي جڏھن ارغونن ۽ ترخانن جي تاريخ کي ٻيهر ورجايو ويندو ۽ وري سڄي سنڌ جا قديمي ۽ قيمتي اثاثا غيرن، افغانين حوالي ھوندا ۽ اسان تماشائي بڻيل هونداسين ۽ جيڪڏھن ڪو ماڳ قبضي کان بچي به ويو ته کنڊر بنجي ويندو ۽ ڪو به نشان باقي نه رھندو.تاريخي ماڳن جي پوئيواري ڪرڻ ۽ انھن جي حفاظت جي ذميداري اتان جي موجود حڪومت جي ھوندي آھي پر ڏک سان چوڻو پوي ٿو ته سنڌ حڪومت ۽ مقامي وڏيرا پاڻ هٿرادو اسانجي قديمي ماڳن جي قيمت لڳائين پيا ۽ افغانين کي خوش ڪرڻ لاءِ اسانجي تاريخي ماڳن جو سوڌو هي پاڻ ڪري رهيا آهن.
تازو ٺٺي جي تاريخي مدرسي تي افغانين جي قبضي مان اھو ھي معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ حڪومت انھن قبضه خورن جي سرپرستي ڪري پئي ۽ ھٿرادو پنھنجي زمين کي غيرن حوالي ڪري پئي جيڪا سنڌ جي ماڻهن سان سڌو سنئون دشمني آھي
پر اھا سنڌ حڪومت ۽ ثقافت کاتي لاءِ ڪا نئين ڳالھه ناھي بلڪه اھو ته انھن جو روز جو ڪم آھي ۽ چئي سگھجي ٿو ته سنڌ جي قديمي ماڳن جي برباديءَ ۾ سڀ کان وڏو ڪردار سنڌ جي ثقافت کاتي جو آھي جيڪو ڪرپٽ ڪامورن جي ور چڙهيل آھي، جنھن جي ڪو سار لھڻ لاءِ به تيار ناھي ۽ اسان نوجوان توڙي اديب،ليکڪ ۽ علم سان تعلق رکندڙ ھر شخص انھن جي غلامي ڪري رھيا آھيون.
ڪينجھر کان ڪارونجھر تائين سڀئي ماڳ ھن سنڌ گورنمينٽ کپائي ڇڏيا آھن پر اسان خاموش تماشائي بڻيل رھيا آھيون ۽ اڃان به گھري ننڍ ۾ ستل آھيون، ڪارونجھر جي تاريخي جبل جي ڪٽائي جو مسئلو ھجي يا سنڌو درياءَ تي ڪالا باغ ڊيم ٺاھڻ جو مسئلو ھجي سنڌ حڪومت ھميشه تماشائي جو ڪردار ادا ڪيو آهي
جڏھن ته ارڙھين ترميم کانپوءِ صوبا پنھنجن وسيلن جا پاڻ مالڪ ۽ خود مختيار آھن پر افسوس سنڌ حڪومت سنڌ ڌرتي جي وسيلن توڙي ماروئڙن سان ھميشه ماٽيلي ماءَ وارو ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ ھميشه سنڌين کي دلاسا ڏئي پنھنجا مفاد ڪڍي اسانجي تاريخي ماڳن ۽ وسيلن جو سوڌو ڪيو آھي ۽ جيڪڏهن اسان اڃان به خاموش رھياسين ته ايئن ئي ٿيندو رھندو ۽ پوءِ اھو وقت به پري ناھي جڏھن ھي افغاني اسان جي سر زمين کان اسان کي ئي ڌڪاري ڪڍيندا ۽ اسان روئڻ کان علاوہ ٻيو ڪجھه نه ڪري سگھنداسين، تنھنڪري اھڙو وقت اچڻ کان پھريان ئي اسان کي جاڳڻو پوندو ۽ پنھنجن وسيلن جي مالڪي ڪرڻي پوندي ته جيئن ايندڙ وقت ۾ ھي ڪامورا ۽ وڏيرا اسانجي زمينن ۽ تاريخي ماڳن جو سوڌو نه ڪري سگهن ۽ اسانجا تاريخي اثاثا محفوظ رھي سگھن.