ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ اسيمبلي ۾ نئين مالي سال 2024_25ع جي 3 هزار 56 ارب رپين جي بجيٽ ۽ 76 ارب رپين جي ٽيڪسن  واري  فنانس بل جي اڪثريت سان منظوري، ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ جي حامي ميمبرن پاران فنانس بِل رد، مخالف ميمبرن فنانس بِل جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون، فنانس بِل جي منظوري وقت ايم ڪيو ايم پاران بائڪاٽ، پي ٽي آءِ جي حامي ميمبرن پاران ايوان ۾ گوڙ ڪيو ويو. مخالف ڌُر پاران پيش ڪيل ڪٽوتي واريون 1167 رٿون حڪومتي ميمبرن جي مخالفت سبب رد ٿي ويون، ڪالهوڪي اجلاس ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاھ پاران پيش ڪيل 3 هزار 56 ارب رپين جي بجيٽ اڪثريت سان منظور ڪئي وئي، جڏهن ته صوبي ۾ 959 ارب رپين جي ترقياتي بجيٽ  جي  به منظوري ڏني وئي، صوبي جي ڪُل امڪاني آمدني 3 هزار ارب روپيا آهي، جنهن مان 62 سيڪڙو وفاقي منتقلي ۽ 22 سيڪڙو صوبائي ٽيڪس وصوليون هجن ٿيون، سنڌ اسيمبلي ۾ 22 ارب رپين جي ڪرنٽ ڪيپيٽل، 334 ارب رپين جي پي ايس ڊي پي جي منظوري ڏني وئي، ايوان کي ٻڌايو ويو ته صوبي جي پنهنجي آمدني 662 ارب رپيا هوندي، جن ۾ 350 ارب رپيا سروسز تي سنڌ سيلز ٽيڪس، 269 ارب جي ايس ٽي ۽ 42.9 ارب روپيا نان ٽيڪس وصولين ذريعي ملندا، اجلاس  1.96 ٽرلين روپين جي ڪرنٽ روينيو، 184 ارب رپين جي ڪرنٽ ڪيپيٽل جي به منظوري ڏئي ڇڏي، جڏهن ته پرڏيهي قرضن جي قسط توڙي وياج جي ادائگي واري مد ۾ 42 ارب رپيا رکيا ويا آهن، اسيمبلي 142.5 ارب رپين جي سرڪاري سيڙپڪاري جي پڻ منظوري ڏئي ڇڏي. ايوان 76 ارب رپين جو فنانس بل منظور ڪري ورتو، فنانس بِل جي مسودي موجب ايڪسائيز جا 37 ارب، سنڌ روينيو بورڊ (ايس آر بي) جا 17 ارب ۽ بورڊ آف روينيو جا اسٽيمپ ڊيوٽي جي مد ۾ 17 ارب رپيا آهن. فنانس بِل جي منظوري تي اپوزيشن ميمبرن مخالفت ڪندي بل جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون. جڏهن ته ايم ڪيوايم ميمبرن گوڙ ڪندي بائڪاٽ ڪري ڇڏيو، جڏهن ته پي ٽي آءِ جا حمايت يافته آزاد ميمبر ايوان ۾ موجود رهيا، هنن  فنانس بِل خلاف سخت نعريبازي ڪندي ايوان کي مڇي مارڪيٽ بڻائي ڇڏيو، وڏي وزير سيد مرادعلي شاهه اجلاس ناڻي، قانون، ورڪس ۽ سنڌ اسيمبلي جي اسٽاف لاءِ هڪ مهيني جي واڌو پگهار جو پڻ اعلان ڪري ڇڏيو، وڏي وزير سيد مراد  شاھ چيو ته اسان جي ڪجهه هنڌن تي ٽيڪس جي اوڳاڙي نه ٿي رهي آهي، فنانس بل ۾ رڳو انهن شين تي ٽيڪس وڌايو ويو آهي، جن تي 15_15 سالن کان ٽيڪس نه وڌايو ويو آهي، هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي گورنر هائوس ۽ وزيراعليٰ هائوس جا خرچ پاڪستان جي باقي هائوسن کان گھٽ آهن، ان کي وڌيڪ گھٽائي نٿا سگھون، مون وٽ پنهنجي استعمال واريون گاڏيون 12 سال پراڻيون آهن، هن بجيٽ ۾ وزيراعليٰ هائوس جي رڳو اسٽاف لاءِ گاڏيون خريد ڪيون وينديون. مخالف ڌُر جي ڪٽوتي وارين رٿن جي جواب ۾ ڳالهائيندي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو ته مون کي حيرت آهي ته اسان کي مخالف ڌُر اهڙي ملي آهي، جنهن هڪ هڪ رپئي جي ڪٽوتي واريون رٿون به پيش ڪيون آهن، لڳي ٿو ته مخالف ڌُر وارن نه بجيٽ پڙهي آهي نه وري سمجھي آهي، هن چيو ته اسان وزيرن، خاص معاونن ۽ صلاحڪارن لاءِ رکيل بجيٽ ايتري گھڻي ناهي، خرچ بِنا حڪومت ڪيئن هلي سگھندي؟ آئون ڪوشش ڪريان ٿو ته خرچ گھٽ ٿين، اسان مهمانن کي تحفا به گھڻا مهانگا نه ڏيندا آهيون، گھڻو ڪري اجرڪ ۽ ٽوپي تحفي ۾ ڏيون ٿا، ان موقعي تي سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌُر جي اڳواڻ علي خورشيدي چيو ته فنانس بل ۾ اپوزيشن جو ترميمون قبول نه ڪيون ويون آهن، ان ڪري اسان کي فنانس بِل تي سخت اعتراض آهن، فنانس بِل کي رد ڪريون ٿا، هن چيو ته فنانس بل ۾ عوام تي نوان ٽيڪس لڳايا ويا آهن. هن چيو ته بجيٽ کي مڪمل طور تي رد ڪندي رڳو انگن اکرن جي راند سمجھون ٿا. اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه بجيٽ جي منظوري تي ايوان کي مبارڪباد ڏيندي اجلاس اڻڄاتل مُدي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.