سنڌ بجيٽ به خيرن سان اچي وئي!

0
14
اسان ڏُکي ڏيل ۾، تون پيئارين پيڄَ!

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، جنهن وٽ ناڻي کاتي جو قلمدان پڻ آهي، ڪالهه سنڌ اسيمبلي ۾ نئين مالي سال 25-2024 جي 3056 ارب روپين جي بجيٽ پيش ڪري ڇڏي آهي. بجيٽ تجويزن ۾ بينظير مزدور ڪارڊ لاءِ 5 ارب روپيا، بينظير هاري ڪارڊ لاءِ 8 ارب روپيا، ٽرانسپورٽ لاءِ 56 ارب روپيا، شاگردياڻين لاءِ اعزازيي جي رقم طور 80 ڪروڙ روپيا، صاف پاڻي جي فراهمي لاءِ 10 ارب روپيا، توانائي کاتي جي ترقياتي منصوبن لاءِ 3 ارب روپيا، 26 لک گهرن کي مفت سولر پينل جي سهولت، تعليم لاءِ 32 ارب روپيا، صحت لاءِ 18 ارب روپيا، مجموعي ترقياتي بجيٽ لاءِ 959 ارب روپيا رکيا ويا آهن. نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ گھٽ ۾ گھٽ پگھار 37 هزار روپيا، زراعت لاءِ 11 ارب روپيا، آبپاشي لاءِ 94 ارب روپيا رکڻ جون تجويزون شامل آهن. ان کانسواءِ سرڪاري ملازمن جي پگھارن ۾ 22 کان 30 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پينشن ۾ 15 سيڪڙو واڌ جي تجويز آهي.

هونئن ته صوبن جي بجيٽ مجموعي طور تي پنهنجي خد و خال ۾ وفاقي بجيٽ سان گھڻي ڀاڱي هڪجهڙائي رکندڙ هوندي آهي، البته ڪجهه فرق مقامي اوليتن جي حوالي سان هوندو آهي، پر جھڙي نموني سان سنڌ جي عوام کي رليف جي اميد هئي، ان حوالي سان مايوسي پلئه پئي آهي. هونئن ته بجيٽ انگن اکرن جي جادوگري هوندي آهي، جيڪا عام خلق کي سمجهه ۾ نه ايندي آهي، جو ان جا گھڻا پاسا ڳجھا رکيا ويندا آهن ۽ پوءِ وقت گذرڻ سان گڏ سڄو سال آهستي آهستي ان جا جلوه ظاهر ٿيڻ شروع ٿيندا آهن. سنڌ جي وڏي وزير جو چوڻ آهي ته بجيٽ پ پ پ چيئرمين جي ڏهن نڪتن مطابق جوڙي وئي آهي. بلاول ڀٽو زرداري چونڊ منشور ۾ ڏهن نڪتن جو اعلان ڪيو هو، جن ۾ غريبن لاءِ 300 يونٽ مفت بجلي جو انتظام، نوجوانن کي يوٿ ڪارڊ جاري ڪرڻ سميت مختلف واعدا ڪيا ويا هئا. پيپلز پارٽي جي حڪمراني جو هي چوٿون لڳاتار مدو آهي، پر ان ۾ سنڌ ڏينهون ڏينهن پوئتي پئي وڃي. بجيٽ ۾ رقم ته هر سال رکي وڃي ٿي، پر خرچ ڪٿي ٿي ٿئي، اها خبر ناهي. نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ آبپاشي کاتي لاءِ 94 ارب روپيا رکڻ جي تجويز آهي. هن کاتي جا منتظمين ايترا ته “پهتل” آهن، جو اهي سوڪ ۾ سنڌ ٻوڙڻ ۽ ٻوڏ ۾ واهه سڪائڻ جي ڪرامت ڪندا رهن ٿا. هن کاتي جي عملدارن تي اهو الزام لڳندو آيو آهي ته اهي منڍ جي آبادگارن سان پاڻي وڪڻي پوڇڙ سڪائڻ لاءِ ذميوار آهن. آبپاشي کاتي لاءِ نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ جيڪا رقم رکي وئي آهي، ان ۾ کاٽيءَ جي رقم به شامل هوندي آهي، پر اڪثر ڪري کاٽيءَ جي رقم کي کاٽ لڳي ويندو آهي. کاٽي نه ٿيڻ جي ڪري واهن جا پيٽ لٽجي ويندا آهن، جنهن ڪري انهن جي پاڻي کڻڻ جي گنجائش گھٽجي ويندي آهي، جنهن جو نتيجو اهو آهي ته واهن ۾ ٿورو پاڻي ڇڏڻ سان به گهارا پوڻ لڳندا آهن.

جيتري قدر پگھارن ۾ واڌ جو تعلق آهي ته وفاقي بجيٽ جي ڀيٽ ۾ سنڌ حڪومت طرفان ڪيل واڌ سرس ۽ سوائي آهي پر جھڙي نموني سان وفاقي بجيٽ ۾ ٽيڪس وڌايا ويا آهن، ان سبب عام ماڻهوءَ کي ڪو به رليف ملي نه سگهندو. سنڌ حڪومت به گھٽ ۾ گھٽ اجرت اها رکي آهي، جيڪا وفاقي بجيٽ ۾ رکي وئي آهي، يعني 37 هزار روپيا ماهوار. سنڌ جي بجيٽ ٺاهيندڙ وڏو وزير ڀلا 6 ڀاتين جي مهيني جي بجيٽ ان رقم مان ٺاهي سگهي ٿو؟ جيڪڏهن حساب ڪجي ته 6 ڀاتين مان هر ڀاتي جي حصي ۾ ماهوار 6161 روپيا اچن ٿا ۽ روز جو حساب لڳائجي ته اهو حصو 205 روپيا بيهي ٿو ۽ ٽن ويلن جو حساب لڳائڻ سان في ويلو 68 روپيا ٿئي ٿو. هن شديد مهانگائي جي دور ۾ 68 روپين مان ڇا ٿو ملي سگهي؟ کاڌي پيتي کانسواءِ گهر جي مسواڙ، يوٽيلٽي بل، صحت ۽ تعليم سميت ٻين خرچن کي ڪيئن منهن ڏيندو؟

نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي لاءِ 10 ارب روپيا رکيا ويا آهن. پاڻي جياپي لاءِ بنيادي ضروري اسم آهي، پاڻي زندگي آهي، پاڻيءَ سان ئي پساهه آهن، پاڻي بنيادي انساني حق آهي پر سنڌ جي ماڻهن کي پيئڻ جو صاف پاڻي ته پري جي ڳالهه ميرو گدلو پاڻي به ميسر نه آهي. سنڌ ۾ جيڪي آر او پلانٽ لڳايا ويا آهن، انهن جي اڪثريت به خراب ۽ بي لاڀ بڻيل آهي. هر سال ائين ٿيندو آهي ته نااهل بيوروڪريسي ترقياتي بجيٽ خرچ ڪري نه سگهندي آهي ۽ بجيٽ جي رقم جو وڏو حصو لئپس ٿي ويندو آهي. هڪ طرف عذر اهو ته فنڊ ناهن ۽ جڏهن رقم رکي وڃي ٿي ته اها خرچ ڪرڻ جي اهليت ناهي.

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ ۾ تعليم ۽ صحت جون بهتر سهولتون فراهم ڪيون وڃن، صاف پاڻي جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي. سمورين بنيادي سهولتن جي فراهمي عوام جو حق آهي، ڇو ته عوام ٽيڪس ڏئي ٿو. بجيٽ ۾ رقم رکڻ سٺي ڳالهه آهي پر ان کان به ضروري عمل ان رقم جو شفاف استعمال آهي.