سنڌ اسيمبلي جي گيٽ اڳيان اپوزيشن ميمبرز جو ھنگامو، ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا

0
211
PTI members protest

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پي ٽي آءِ جا پابندي پيل ميمبرز هار پائي دهل دمامن سان سنڌ اسيمبلي ٻاهران پهچي ويا، ايوان جي گيٽ آڏو هنگامو، تالا ٽوڙڻ ۽ گيٽ مٿان چڙهڻ جي ڪوشش دوران سيڪيورٽي عملدارن ۽ پي ٽي آءِ ميمبرز ۾ منهن ماري، پوليس ۽ اسيمبلي جي عملي دهل شرنائي وارن کي روڪي ورتو، پي ٽي آءِ ميمبرز جي نعريبازي، اسپيڪر آغا سراج دُراني چيو آهي ته گذريل ڏينهن اسيمبلي ۾ ڪِريل حرڪت ڪئي وئي، سڄي دنيا ايوان جي بحرمتي کي ڏٺو، اسيمبلي جي عملي کي گارگند ڪرڻ سان گڏ تشدد به ڪيو ويو، معاملي جي جاچ ڪئي وئي آهي ۽ وڊيوز به موجود آهي، پابندي لڳل ميمبرز اجلاس ۾ شرڪت نه ڪري سگهندا.